حڪومت پاران 6 هزار ڊمي اخبارن جي رجسٽريشن رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پريس رجسٽرار آف پاڪستان ملڪ جي 6000 اخبارن ۽ رسالن کي ڊمي قرار ڏئي انهن جي رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي آهي. اخبارون ۽ ميگزين شايع ڪندڙ پريس مشين وارن کي 15 اپريل تائين قاعدن تي عمل ڪرڻ جي ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته ميڊيا انڊسٽري کي هموار ڪرڻ ۽ ان کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اهو قدم کنيو ويو آهي. اهو ڪم مسلم ليگ (ن) جي حڪومت شروع ڪيو هو جنهن کي موجوده حڪومت اڳتي وڌائي رهي آهي. هڪ عهديدار جو چوڻ آهي ته اطلاعات واري وزارت جا ڪيترائي ملازم به ان جو حصو آهن ۽ ڊمي اخبارن ذريعي وڏي ڪرپشن ٿي رهي آهي. پي آءِ ڊي وٽ 4200 اخبارن ۽ ميگزين جي رجسٽريشن آهي پر ملڪ ۾ انهن جو تعداد حد کان وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو