حڪومت پاران بجيٽ ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ تي غور

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)نئين مالي سال 2022-2021 جي وفاقي حڪومت جي بجيٽ 11 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ تي غور ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ صوبن سان ان بابت صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. پنجاب حڪومت مشروط طور تي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي حمايت ڪئي آهي، پنجاب حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنجاب کي اضافي فنڊ ڏئي ٿي ته پگهارون 10 سيڪڙو وڌائي سگهجن ٿيون. پنجاب حڪومت جو خيال آهي ته سيڪريٽريٽ ملازمن کي ايگزيڪٽو الاؤنس اڳ ۾ ڏنو پيو وڃي ، ٻين ملازمن کي پهرين جون کان 25 سيڪڙو الاؤنس ادا ڪرڻو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو