حڪومت وٽ ڳالھين جي ميز ئي بچي آهي!

پيار علي چانڊيو

اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي شروع ڪيل جلسن وارو مرحلو لاھور واري جلسي ۾ اسلام آباد ڏانھن لانگ مارچ جي اعلان بعد ملڪي سياسي ڪشيدگي واري صورتحال ڳنڀير ٿيندي پئي وڃي , 13 ڊسمبر مينار پاڪستان وارو جلسي ۾ مخالف ڌرين جي موقف ۾ ٺوس تبديلي ڏٺي وئي جنھن ۾ عمران سرڪار جو گھيرو تنگ ڪرڻ لاءِ ن ليگ , پ پ ۽ جي يو آء جي مرڪزي قيادت جي اڳواڻن ۾ بغاوت جو شور ڪجهه وڌيڪ ھيو , پي ٽي آءّ سرڪار لاھور واري جلسي کي ناڪام ڪرڻ لاءّ شيخ رشيد کي گھرو وزير بڻائڻ ۽ مينار پاڪستان جي ميدان کي پاڻي سان ٻوڙڻ وارا حربا استعمال ڪرڻ باوجود اپوزيشن ڌرين جو لاھور وارو جلسو ڪيتري قدر ڪامياب رھيو ان جو اندازو تبصري نگارن موجب جلسي کي ناڪام ڪرڻ واري حڪومتي سازشن جي ناڪامي مان ظاھر ٿيو ,عمران سرڪار اپوزيشن جي جلسن کي روڪڻ لاءّ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وبا جي فھلاءّ جو سبب ڄاڻائي جلسا ملتوي ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي ھئي ته ٻئي طرف مخالف ڌر جي جماعتن کي جلسا ڪرڻ جي اجازت ڏيندي پنهنجي مخالفن جي اهڙي عمل کي آئيني حق قرار ڏنو آهي ته ساڳئي وقت ڪيئي وفاقي وزيرن اپوزيشن کي اهي صلاحون به ڏنيون آهن ته هُو جلسا ۽ جلوس ملتوي ڪري ڇڏين ڇو ته احتجاجي جلسن ۽ جلوسن سان ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ تيزي اچي سگهي ٿي پر اپوزيشن حڪومتي آڇو ٿڏي لاھور ۾ رٿيل جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي.لاھور واري جلسي بعد ملڪ ۾ سياسي حوالي سان جيئن پوءِ تيئن ماحول گرم ٿي رهيو آهي. مخالف ڌر جو اتحاد پي ڊي ايم هر صورت ۾ حڪومت کي گهر ڀيڙو ٿيندو ڏسڻ گهري ٿو، جنهن ڪري اُهي گذريل مهيني کان مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ جلسا ڪري رهيا آهن، جن ۾ عوام جو وڏو انگ شرڪت پڻ ڪري رهيو آهي جڏهن ته 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ٿيل جلسي بعد اسلام آباد لانگ مارچ کي اپوزيشن فيصله ڪُن مرحلو ڪوٺي رهي آهي. سندن چوڻ آهي ته اِهو مارچ حڪومت جي خاتمو جو سبب بڻبو , ٻئي طرف حڪومت اِهو تاثر ڏئي رهي آهي ته اُنهن کي اپوزيشن جي ڪنهن به لانگ مارچ جو ڊپ آهي نه ڊاءُ, بلڪه وزيراعظم جي لهجي ۾ ڏينهون ڏينهن تلخي ڏسڻ ۾ اچي پئي جيڪڏھن وزير اعظم اھڙي تلخ بيانن تي قائم رھيو ته لاھور واري جلسي جي خلق اسلام آباد جو رخ ڪيو ته ڪپتان لاءّ اڃا وڌيڪ مونجھارا پيدا ٿيندا ,اپوزيشن پارٽين لاھور واري جلسي ۾ گڏيل اتفاق ڪيو آھي ته ڪپتان سرڪار کي ھاڻ ڪو به اين آر او نه ڏنو ويندو , جيڪڏهن لاهور جلسي بعد اپوزيشن اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو ته اُن کي روڪڻ ڪپتان حڪومت لاءِ نهايت مشڪل ٿي سگهي ٿو ۽ لانگ مارچ ۾ ڪنهن به قسم جو تشدد يا رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اُن سان ٽڪراءَ واري صورتحال جُڙي سگهي ٿي تنهنڪري اڃا به وقت هٿن مان ناهي ويو جيڪڏهن حڪمران مُلڪ ۽ قوم جو ڀلو ۽ بهتري چاهين ٿا ته پوءِ پنهنجي صفن مان سينئر ۽ ساکائتين شخصيتن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي اپوزيشن سان ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ڇو جو مُلڪ هن وقت ڪنهن به قسم جي انتشار کي برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي ,حڪومتي ڌر کي سوچڻ گھرجي ته معاشي حوالي سان ملڪ ڏيوالي کي ڇُهي رھيو آھي ، بيروزگاريءَ  ۾ کڻ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي، ماڻهو تنگدستيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، اِن صورتحال کي عالمي وبا جي ڦهلاءَ وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. وبا سبب پيدا ٿيل صورتحال زندگيءَ جون رونقون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. ان جي ٻي لهر هزارين وڌيڪ ماڻهو متاثر ڪيا آهن، اسپتالن ۾ گنجائش ناهي رهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن اپوزيشن جلسا ۽ مارچ ڪندي ته وبا جي ڦهلاءَ ۾ اڃا اضافو ٿيندو اُن لاءِ ضروري آهي ته حڪمران تدبر کان ڪم وٺن ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي اپوزيشن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن ڇو ته هر مسئلي جو حل وري به ڳالهيون ئي هونديون آهن اِن کان اڳ جو جمهوريت لاءِ ڪي خطرا پيدا ٿين يا مُلڪ جي سلامتيءَ لاءَ ڪو ڏچو پيدا ٿئي، حڪومت کي ترت ۽ تڪڙن بنيادن تي ڳالهيون شروع ڪرڻ گهرجن. ڇو ته ڳالهيون ئي اها واحد واٽ آهي، جنهن سان نه رُڳو سياسي انتشار کان محفوظ رهي سگهجي ٿو پر عالمي وبا جي تباهڪارين کان به پنهنجي عوام کي بچائڻ ۾ اهم  ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو ,وزير اعظم عمران خان کي اھو به ضرور سوچڻ گھرجي ته اپوزيشن جلسن ۾ عوام جو لاڙو وڌيڪ ھجڻ جو نتيجو موجوده حڪومت مان عوام جي بيزاري ظاھر ٿي رھي آھي ڇو ته پي ٽي آءّ سرڪار حڪومتي اڍائي سالن دوران عوام کي ڪو به رليف نه ڏئي سگھي آھي , هن وقت عام ماڻهن جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي ھر شيءّ مھانگي ھجڻ ڪري ملڪ جو غريب طبقو ڪجھ خريدڻ جي سگھ وڃائي ويٺو آهي جيڪڏهن اپوزيشن عوام جي بنيادي مسئلن ۽ مھانگائي واري اشو کي کڻي اڳيان اچي ته ان کي نه صرف عوامي مثبت موٽ ملندي بلڪه اسلام آباد لانگ مارچ جو کڙ تيل به نڪري سگهندو لحذا حڪومت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪشيدگي کي روڪڻ چاھي ته اپوزيشن لاءّ ڳالھين جا دروازا کولي ٻي صورت ۾ لاھور جلسي بعد پيدا ٿيل سياسي ڌٻڻ مان ڪپتان سرڪار جو نڪرڻ مشڪل ھوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو