حڪومت مانڊوي والا خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (اياز مهر) ادلي جو بدلو وٺندي حڪومتي ڌر ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊو والا خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي. سينيٽ ۾ قائد ايوان شبلي فراز، سينيٽر منظورڪاڪڙ، احمد خان، سجاد طور سينيٽ جي سيڪريٽري وٽ رٿ جمع ڪرائي جنهن تي 26 ميمبرن جون صحيحون آهن. رٿ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 26 ميمبرن جو هجڻ لازمي آهي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته سليم مانڊوي والا کي ڊپٽي چيئرمين بڻائڻ لاءِ اسان جي 36 سينيٽرز ووٽ ڏنا،عيوض ۾ پيپلز پارٽي چيئرمين لاءِ 20 ووٽ ڏنا هئا، اپوزيشن اسان جي ووٽ جو قدر نه ڪيو ۽ چيئرمين جي حمايت واپس ورتي ته اسان به ڊپٽي چيئرمين جي حمايت واپس وٺي ڇڏي آهي. اسان بي اعتمادي واري رٿ جو مقابلو ڪنداسين. نامياري شاعر احمد فراز جي پٽ ۽ قائد ايوان شبلي فراز چيوته ته پهرين اپوزيشن طرفان چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي وئي، هاڻي ڊپٽي چيئرمين به اسان جي حمايت جي قابل ناهي رهيو. هن ٻڌايو ته ڊپٽي چيئرمين خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي پي ٽي آءِ سان گڏ اتحادي جماعتن متحده پاڪستان ۽ بي اين پي مينگل گروپ جي ميمبرز به صحيحون ڪيون آهن. حڪومت کي خبر آهي ته سندن رٿ رد ٿي ويندي پر رٿ جو مقصد اهو آهي ته چيئرمين خلاف اجلاس جي ڪاروائي هاڻي ڊپٽي چيئرمين نه هلائي سگهندو. حڪومت ۽ اپوزيشن کي اڻ ڌرئي ماڻهو کي مقرر ڪرڻو پوندو جيڪو ڪاروائي هلائي. پارليماني تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين خلاف هڪ ئي وقت بي اعتمادي جون رٿون پيش ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو