آر يا پار جو فيصلو پي ڊي ايم 8 ڊسمبر تي ڪندي، مريم

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو ته حڪومت لاهور جي جلسي  کان خوفزده آهي پر اسان گهٻرائي گهر نه ويهنداسين ۽ هن اسيمبلين مان استعيفا جو اشارو ڏيئي ڇڏيو ته ضرورت پوڻ تي اهو  فيصلو ڪيو ويندو .لاهور ۾ مسلم ليگ (ن) جي سوشل ميڊيا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مسلم ليگ (ن) جي سوشل ميڊيا ونگ جي ذميواري ان وقت محدود هئي جڏهن اها هن جي حوالي ڪئي وئي پراڄ اها پاڪستان جي سياسي پارٽين مان هڪ مضبوط نيٽ ورڪ آهي اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته اڄ ملڪ ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ۽ ڪير ڪري رهيو آهي  ۽ ڇو ٿي رهيو آهي.هن چيو ته نااهل ۽ سليڪٽڊ حڪومت اسان جي سر تي مسلط آهي پر هن حڪومت جي وس جي ڳاله نه آهي هڪ پيج تي هجڻ جي باوجود بس کي ڌڪيو پيو  وڃي پر بس نه ٿي هلي سگهي هن چيو ته گئس نه اچي رهي آهي پر هزارين رپيا بل اچي رهيا آهن ڪير چوندو هو ته آئون گرين پاسپورٽ جي عزت ڪرائيندس پر اڄ مختلف ملڪن ۾گرين  پاسپورٽ تي پابندي لڳي رهي  آهي.هن چيو ته نواز شريف ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ لاءِ ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙيون ٻه جنگون وڙهيون ملڪ ۾ امن قائم ڪيو ۽ هن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اهو قدم کنيو.مريم نواز چيو ته اسان ميڊيا کي درخواست ڪريون ٿا ڪيترو وقت سچ ڳالهائڻ لاءِ مجبور رهندا.هن چيو ته جسٽس وقار سيٺ  جي بهادري کي سلام پيش ڪجي ٿو ٻن اڳوڻن چيف جسٽسن کي ياد ڪيو پيو وڃي هن چيو ته پاڪستان ۾ انصاف کي غالب ٿيڻ گهرجي ۽ ڪو به فيصلو انتقام جي بنياد تي نه ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو