حڪومت جيل ۾ نواز شريف جي قتل جي سازش ڪئي هئي، مريم

بلوچ(ويب ڊيسڪ) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف کي جيل ۾ قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي هئي، عمران خان جي ڪابينا جي اجلاسن ۾ عوام جي ڀلائي بدران نواز شريف کي قتل ڪرڻ جي سازش ٿيندي هئي. اهڙو انڪشاف هن آزاد ڪشمير ۾ بلوچ نالي شهر ۾ جلسي کي خطاب دروان ڪيو. هن چيو ته ڪشمير ۾ ووٽ چوري ڪيو ويو ته حڪمرانن کي زمين تي ته ڇا زمين جي هيٺ به منهن لڪائڻ جي جاءِ نه ملندي. هن چيو ته منهنجي رڳن ۾ خالص ڪشميري خون شامل آهي.

اڄ مونکي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو هو پر مون سوچيو ته عدالت ڀلي ناراض ٿئي مان بلوچ وارن کي ناراض نٿي ڪري سگهان.   هن تحريڪ انصاف حڪومت مٿان سنگين الزام ھنيا، جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف کي پُٽ کان پگهار نه وٺڻ جي کِل جوڳي الزام ۾ نااهل ڪيو ويو، کائنس وزارتِ عظميٰ کسي وئي، سازشن باوجود نواز شريف هر اليڪشن ۾ مخالفن کي سندن گهر ۾ گهڙي ماريو آهي، نواز شريف اڪيلو ناهي، سندس ڌيءُ سپاهي بڻجي اچي وئي آهي، عمران خان سائيڪل تي وزيراعظم آفيس ويندو آهي، پيٽرول مهانگو ٿيو ته کيس فرق نه پوندو، هاڻي عمران خان ايئرپورٽ ۽ موٽرويز سوڌو نواز ليگ جي حڪومتي دور جي منصوبن کي گروي رکڻ جي سازش ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو