حڪومت جا پير اکڙڻ ۽ ساهه گهٽجڻ لڳو آهي، مريم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اپوزيشن جي جلسن سبب حڪومت جا پير اکڙي رهيا آهن ۽ ساهه گُهٽجي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. جنهن سان گڏ هن هڪ ويڊيو به شيئر ڪئي آهي ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت مينار پاڪستان جي جلسي گاهه ۾ پاڻي ڇڏيو آهي.

سندس اهڙي ٽوئيٽ جي جواب پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت مشير داڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته راجڪماري ڪوڙ پئي هڻي ۽ سندس ڪوڙ واري ڪارخاني مان هڪ نئون ڪوڙ سامهون آيو آهي. سندس چوڻ آهي ته 1200 ڪنال جي مينار پاڪستان واري گرائونڊ ۾ ڪيترائي وڻ آهن جن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو