حڪومت تيل ٻاهران گهرائڻ تي عارضي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم واري وزارت تيل ڪمپنين کي ٻاهران تيل گهرائڻ لاءِ نوان آرڊر روڪن جو هدايت ڪئي آهي. ملڪي حالتن جي پيش نظر ملڪ ۾ موجود تيل جا ذخيرا معقول حد تائين موجود آهن ان ڪري 20 اپريل کان نوان آرڊر نه ڏيو. تيل ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مقامي آئل ريفائنريز کان خريداري جاري رکي وڃي. حڪومت آئل ريفائنريز کي هدايت ڪئي آهي ته هو به خام تيل صاف ڪرڻ لاءِ في الحال پرڏيهه نه موڪليو وڃي. ياد رهي ته دنيا ۾ 18 ڊالر في بيرل تيل جي قيمتن ۾ لاٿ آئي آهي. فيبروري ۾ 56.21 ڊالر في بيرل هئي جيڪا اڄ 34.86 بيرل آهي. پاڪستان ۾ وزيراعظم 15 روپيا في لٽر قيمت گهٽ ڪرن جو اعلان ڪيو هو.  واضه رهي ته هڪ بيرل ۾ 159 لٽر ٿيندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو