حڪومت توهين پئي ڪري، وزيراعظم کي شرم اچڻ گهرجي

اسلام آباد (اياز مهر) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي بحالي بابت عدالتي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني چيو آهي ته حڪومت عدالت جي توهين پئي ڪري، وفاقي حڪومت، وزيراعظم ۽ وزير صحت کي شرم اچڻ گهرجي. توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي دوران هن چيو ته سيڪريٽري صحت ڪٿي آهي، ڇو نه آيو آهي، مان ايس ايڇ او کي حڪم ٿو ڌيان ته ڪيس گرفتار ڪري جيل موڪلي. عدالت چيو ته اعليٰ حڪومتي عملدار توهين پيا ڪن کين جيل موڪليندس. هو ڪورونا جو ٽيسٽ ڪرائي هتي پيش ٿئي. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر ۽ صحت کاتي جا عملدار موجود هئا. عدالت چيو ته ايمرجنسي ۾ حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري پئي اهو تباهه ڪن آهي، وفاقي حڪومت، وزير صحت ۽ وزيراعظم کي شرم اچڻ گهرجي. عدالت حڪم ڏنو ته پي ايم ڊي سي جا تالا ٽوڙي هڪ ڪلاڪ ۾ عدالت کي آگاهه ڪريو، پي ايم ڊي سي جي رجسٽرار کي اتي ويهاري اچو. مان هن فيصلي کي ان سطح تي کڻي ويندس جيڪو ڪو به برداشت نه ڪري سگهندو. عدالت پڇو ته ڇا ملازمن کي پگهار ملي ٿي، سندن وڪيل چيو ته 5 مهينن کان پگهار بند آهي. جنهن تي عدالت چيو ته ڪا ڳالهه ناهي عدالتي حڪم نه مڃيندڙ سڀ جيل ويندا ۽ هي بن انهن وانگر ٿي ويندا جيڪي قيد آهن. عدالت نون داڪٽرز جي رجسٽريشن بند ڪرڻ ۽ رجسٽريشن ڊيسڪ بند ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. جنهن بعد ايڊيشنل اٽارني جنرل پي ايم ڊي سي آفيس کولڻ ۽ رجسٽرار کي ڪم ڪرڻ جي حڪم تي فور عمل جي خاطري ڪرائي. رجسٽرار برگيڊيئر (ر) حفيظ چيو ته حڪومت چوي ٿي اڪيلو ويهو اسٽاف کانسواءِ ڪم ڪيئن ٿيندو. عدالت چيو ته ڪورونا سبب حڪومتي هدايتن تي عمل ڪريو ۽ گهٽ کان گهٽ اسٽاف سان ڪم ڪريو. ياد رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ صدر عارف علوي جيڪو پاڻ به ڏندن جو ڊاڪٽر آهي تنهن پي ايم ڊي سي ختم ڪري پي ايم سي نالي ادارو قائم ڪرڻ لاءِ صدارتي آرڊينسس جاري ڪيو هو. جنهن خلاف ملازم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آيا هئا ۽ عدالت آرڊيننس رد ڪري پي ايم ڊي سي بحال ڪئي هئي. جنهن تي عمل نه ٿيڻ سبب مالزمن توهين عدالت جو ڪيس ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو