حڪومت تاريخي مهانگائي ڪري عوام تي ظلم ڪيو آهي، پروين

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار)ھيومن رائيٽيس يونٽي فائونڊيشن آف پاڪستان  ليڊيز ونگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ميڊم پروين طارق پنهنجي ھڪ بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ مھنگائي عوام لاء وڏو مسئلو پيدا ڪيو آهي غريب عوام ھڪ ويلي جي ماني لاء پريشان آهي ته وري ٻئي پاسي مھنگائي چوٽ چڙھيل آهي هن چيو ته تاريخ ۾ پھريون ڀيرو پيٽرول جا ريٽ آسمانن تائين وڃي پھتا آھن ۽ ان سان گڏو گڏ کاڌي پيتي جي شيئن جا اڳھ به تيزي سان پيا وڌن پر افسوس وفاقي حڪومت جي منهن تي گهنج به نه ٿو پوي نوي ڏينهن نيازي سرڪار وزيراعظم  ٿيڻ کان اڳ جيڪي عوام کي لالي پوپ پيو ڏي ھاڻ اھي واعدا ۽ نوي ڏينهن ڪٿي آهن ھن وڌيڪ چيو ته کنڊ ـ تيل ـ پيٽرول ـ ۽ کاڌي پيتي جي راشن ۾ جيڪڏهن عوام کي ڪو سستو ريلف نه ڏنو ته پوء عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيندا ۽ ان جا نتيجا ۽ وڏا خراب نڪرندا ٻين کي چور چوڻ وارو پاڻ ڪھڙا ٽي سالن ۾ چگا ڪم ڪيا آهن جو عوام جي دلين ۾ جڳهه بڻائي سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو