حڪومت بنا سزا زرداري کي قيد ڪري قتل ڪرڻ چاهي ٿي، بلاول

اسلام آباد( اياز مهر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڊيالا جيل ۾ والد سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪومت اڳوڻي صدر کي طبي سهولتون فراهم نه ڪري کيس قتل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته آصف علي زرادري ۽ فريال ٽالپر کي ڪنهن عدالت سزا ناهي ڏني پر فاشسٽ نيازي کيس جيل ۾ بند ڪري دوائن تي به بندش هڻي ڇڏي آهي. هن چيو ته حڪومت جمهوريت ۽ ميڊيا تي حملا ڪري رهي آهي، سياسي مخالفت ۾ انڌو ٿي ويو آهي ۽ عورتن کي به معاف نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومتي ڊاڪٽرن جي صلاح تي عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ زرداري طبي سهولتون نه ڏيڻ سبب جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ذميوار هي سڀ هوندا. هن چيو ته نيازي امجهي ٿو ته هو اسانکي تڪليف ڏئي ٽوڙي ويندو، اها سندس ڀل آهي اسين هر فورم تي حڪومت جي غلط ڪمن جي مخالفت ڪنداسين. هن ڪٺ پتلي سليڪيٽڊ جي خلاف جدوجهد جاري رکبي، هنن عوام سان دوکو ڪيو آهي ٽرڪ جي بتي پويان لڳايو آهي، مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو