حڪومت بجلي هڪ روپيو 68 پيسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ هڪ روپيو 68 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا موجب 200 يونٽ في مهيني تائين استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين جي بجلي مهانگي نه ڪئي ويندي. نيپرا جو چوڻ آهي ته 200 يونٽن کان وڌيڪ بجلي گهريلو صارفين لاءِ هڪ روپيو 68 پئسا جڏهن ته ڪمرشل، صنعتي ۽ ٻين شعبن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ هڪ روپيو 39 پئسا في يونٽ واڌ ٿيندي. نيپرا موجب بجلي جي قيمت ۾ واڌ بنيادي ٽيرف ۾ ڪئي وئي آهي ۽ واڌ جو اطلاق ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ ۾ ٿيندو. نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ پهرين نومبر 2021ع کان لاڳو ٿيندي. نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان حڪومت کي ساليانو 135 ارب رپيا ملندا. ياد رهي ته ناڻي واري وفاقي وزارت گذريل رات پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 8 روپيا في لٽر کان وڌيڪ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري مهانگائي جو شڪار عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 145 رپيا 82 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي ٻئي پاسي ملڪ ۾ کنڊ جو بحران آهي ۽ في ڪلو 140 کان 160 روپيا ريٽ هلي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو