ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مرغي جي گوشت جون قيمتون وڌائي تحريڪ انصاف اربين روپيه ڪمائي ورتا. هاڻ افسوسناڪ طور تي قيمتون گهٽ ڪري ان جو ڪريڊٽ به ورتو ويندو.پنهنجي هڪ بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف حڪومت جي ناقص معاشي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مهانگائي جو الزام آءِ ايم ايف تي لڳائي پنهنجي نااهلي تي پردو نٿي وجهي سگهي. پ پ چيئرمين موجب حڪومت سخت شرطن تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري قوم جي خودداري کي داءُ تي لڳايو. هن جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ ڪورونا دوران مهانگائي 4.29 ۽ بنگلاديش ۾ 5.54 سيڪڙو رهي. پاڪستان ۾ مهانگائي 10.9 سيڪڙو ڇو آهي.بلاول ڀٽو موجب عمران خان جي سرپرستي ۾ مافيا صرف 3 مهينن دوران مرغي جي گوشت جون قيمتون 110 سيڪڙو تائين وڌايون. مرغي جي گوشت جون قيمتون وڌائي تحريڪ انصاف اربين روپيه ڪمائي ورتا. هاڻ افسوسناڪ طور تي قيمتون گهٽ ڪري ان جو ڪريڊٽ به ورتو ويندو. بلاول ڀٽو موجب ملڪ ۾ بدترين اقتصادي بحران آهي. عمران خان بجيٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن کي اربين روپين سان نوازڻ جو منصوبو بڻائي رهيو آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن کي بجيٽ ۾ 96 ارب روپين سان نوازڻ جو منصوبو عوام دشمن آهي.هن چيو ته وزيراعظم ڌانڌلي ذريعي چونڊجي ايندڙ پنهنجي اسيمبلي ميمبرن تي اربين روپيه نه لٽائي. اهي پئسا عوام جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪيا وڃن. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عمران خان جي حڪومت هينئر تائين پنهنجو 5 ساله اقتصادي منصوبو سامهون ناهي آڻي سگهي. وزيراعظم عوام کي صاف صاف ٻڌائي ته هو بنا ڪنهن منصوبه بندي جي اقتدار ۾ آيو آهي.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو