حڪومتي عورتن جو واڪ آئوٽ، زڪوات بابت بل منظور

ڪراچي (استاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي سومر تي زڪوات ۽ عشر جي قانون ۾ ترميم جو بل منظور ڪيو. سهيل انور سيال چيو ته هن ترميم جو مقصد چيئرمين جي تقرري ۾ ريٽائڙد هاءِ ڪورٽ جي جج کانسواءِ ڪامورو مقرر ڪرڻ جو اختيار حڪومت کي ڏيڻ آهي. جنهن تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مفتي قاسم فخري ترميم جي رٿ پيش ڪندي چيو ته صوبائي زڪوات ڪائونسل جو چيئرمين ڪنهن عالم کي مقرر ڪيو وڃي. حڪومت جي مخالفت سبب سندس رٿ رد ڪئي وئي ۽ حڪومتي ترميمي بل پاس ڪيو ويو. سنڌ اسمبلي جي اجلاس ۾ اسپيڪر حليم عادل شيخ کي استحقاق جي رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ته پ پ جون عورت ايم پي ايز اٿي بيٺون ۽ گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون. پ پ پ عورت ايم پي ايز حليم عادل شيخ خلاف ايوان ۾ احتجاج ڪندي چيو ته حليم عادل شيخ اسان عورت ايم پي ايز خلاف غلط جملا ڳالھايا. اسپيڪر عورت ايم پي ايز کي ويهڻ جو چيو پر هير سوهو، سعديا جاويد، ندا کهڙو ۽ ٻيون ضد ڪري بيهي رهيون ته حليم عادل کي ڳالهائڻ نه ڏينداسين. حليم عادل جي رٿ دوران پ پ جون عورت ايم پي ايز صوبائي وزير مڪيش چاولا جي سمجهائڻ باوجود واڪ آئوٽ ڪري ويو. حليم عادل جي استحقاق جي رٿ رد ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان چيو ته هي ٻه نمبر ماڻهو ايوان ۾ ويٺا آهن جيڪي رڳو ڪرپشن ڪن ٿا. اسان هنن کي هاني ايوانن بدران عدلتن ۾ گهلينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو