چيئرمين نيب جي چونڊ ۾ غلطي ڪيم، خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته چيئرمين نيب جي چونڊ جي غلطي تسليم ڪريان ٿو پر ان بابت پارٽي قيادت سان مشورو ڪيو هئم. قومي اسيمبلي ۾ بجٽ جي منظوري واري ڏينهن شهباز شريف جو نه اچڻ سمجهه ۾ اچي ٿو، ڇو ته سندس سوٽ فوت ٿي ويو هو پرنواز ليگ جي 24 ميمبرن طرفان اسيمبلي نه اچڻ تي سواليا نشان آهي. نيب پاران آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ٻن سالن کان قيد سيد خورشيد شاهه چيوته پيپلز پارٽي جا 2 ميمبرز ڪورونا سبب اسيمبلي ۾ نه اچي سگهيا، بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺندي کانئن هيلٿ سرٽيفڪيٽ طلب ڪيا آهن. 2 ڏينهن بجيٽ سيشن ۾ شرڪت ڪرڻ بعد سکر روانگي وقت صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومتي رويي سان پارليامينٽ ۾ مايوسي پکڙيل آهي، پهريون ڀيرو جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ به گئس لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، عوام تڪليفن مان پيو گذري، پر حڪمران سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپي رهيا آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪستان زرعي ملڪ آهي ۽ زراعت جي ترقي کانسواءِ ملڪ جي ترقي ممڪن ناهي.جنهن بعد هو موٽر وي ذريعي سکر روانو ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو