حڪومتي دعويٰ ۽ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيل ملڪي معيشت!

ليکڪ  ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

پوري دنيا سان گڏ اسان جي ملڪ ۾ به موجوده معاشي صورتحال يقينن ڳڻتي جوڳي آهي، هونئن به ملڪ ۾ هر سطح تي ۽ هر شعبي ۾ جهڙي طرح بگاڙ ۽ زوال جو راڄ رهيو آهي. گذريل گهڻي وقت کان مالي ۽ معاشي لحاظ کان غريب ۽ مزدور طبقو متاثر ٿي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت سان گڏ ملڪ جو شاهوڪار طبقو ايترو ته ڪري سگهي ٿو ته پنهنجي پنهنجي سطح تي انهن ماڻهن جي مالي مدد ڪري، جنهن لاءِ ڌڻي تعاليٰ جو به حڪم آهي ته حقوق العباد تحت انسانيت جي خدمت ڪرڻ گهرجي. غريبن ۽ يتيمن جي سار لهڻ گهرجي ته ڪٿي اهي بُک ۾ ته نه پيا سمهن؟ هونئن به اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻيون سماجي تنظيمون ۽ فلاحي ادارا آهن، جيڪي انساني خدمت جي نالي تي مشهور آهن، اهي نه رڳو نجي سطح تي فنڊ گڏ ڪن ٿيون بلڪه سرڪار کان به مالي معاونت حاصل ڪنديون آهن، ان جي باوجود حالت اها آهي جو پوري ملڪ خاص ڪري سنڌ اندر غربت سبب موت لامارا هڻي رهيو آهي، خاص ڪري جڏهن پاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي سامهون ويهون ٿا ته يقينن هر روز جي بنياد تي پوري سنڌ مان چئني طرفن کان بُک، بدحالي، بيروزگاري ۽ غربت جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. سنڌ جي چئني ڪُنڊن ۾ روزانو ڪيترائي ڳڀرو توڙي سنڌ جون غريب ۽ بيروزگار پڙهيل لکيل نياڻيون پنهنجن ٻچن کي بُک وچان دانهون ڪندي دلبرادشته ٿي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيون ٿي وڃن. هتي انتهائي افسوسناڪ صورتحال درپيش آهي، قتل رتوڇاڻ هجي، اغوا، ڦرون، چوريون، غريب بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر هجي، انهن بي واجبين جي ڪا کوٽ نه آهي، صورتحال اهڙي نهج تي پهچي وئي آهي جو هتي اسان جي معاشري ۾ شل نه ڪو غريب هجي يعنيٰ ڏوهه ڪرڻ گناهه ناهي رهيو پر غريب هجڻ وڏو گناهه تصور ڪيو ٿو وڃي، ڏاڍ اڳيان شل نه ڪنهن سفيد پوشاڪ غريب جو ڪو غرض نڪري پئي، پوءِ اهو غريب ئي پنهنجي غربت کي پٽي ٿو، بس هن دنيا جو عجيب نظارا ڏسڻ وٽان آهن. اڄ جيڪي وفاقي حڪومت جون واڳون سنڀاري ويٺا آهن، تن ته انمول نعرا هڻي سبز خواب ڏيکاري اڄ پنهنجا پير ئي پوئتي ڪري هڪڙي ڳالهه تي بيٺا آهن ته اسين پرائين حڪومت جا قرض ۽ خسارا پيا ڀريون، باقي پوري ملڪ جي عوام ڇو نه پيٽ پالڻ خاطر هڪ ڳڀي لاءِ سِڪي مري وڃي ۽ هاڻ ته موجوده حڪمران غربت جو خاتمو به غريبن جي خاتمي سان ڪرڻ ٿا چاهين! گذريل ٽن سالن کان جيئن ئي وفاق اندر پي ٽي آئي جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي، نه رڳو بيروزگاري پر گڏوگڏ مهانگائي جو جيڪو طوفان برپا ڪيو ويو آهي، تنهن گذريل حڪومت جو رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ جي مڙني صوبن اندر جيڪا مهانگائي، بک ۽ بدحالي آئي آهي، تنهن جو ته ڪو تاريخ ۾ مثال ئي نٿو ملي، پر پوءِ به تنهن هوندي عمران خان چوي ٿو ته ملڪ بهتري جي رستي تي هلي رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ اندر جيتريون به خودڪشيون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ نه رڳو سنڌ حڪومت کي قصوروار قرار ڏبو پر گڏوگڏ وفاقي حڪومت به ڀاڱي ڀائيوار آهي. ايترو ئي نه بلڪه وفاقي حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي واڌ ڪري مهانگائيءَ کي هٿ سان دعوت ڏني آهي.

وفاقي حڪومت، جنهن نئين مالي سال 22-2021ع جي بجيٽ کي عوام دوست ته قرار ڏنو هو ۽ اهي دعوائون به ڪيون ته موجوده حڪومت جي پيش ڪيل هيءَ بجيٽ عوام کي رليف ڏيندڙ ثابت ٿيندي، پر افسوس ته ان جي ابتڙ حڪمرانن ملڪي معيشت کي آءِ ايم ايف جهڙن عالمي مالياتي ادارن وٽ گروي رکي عوام جي مفادن تي ٻاهرين جي منشا ۽ پاليسين کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي، اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي ڪمزور معاشي صورتحال، ٽئڪس اوڳاڙين ۾ گهٽتائي ۽ ناڪام پاليسين جي ڪري معاشي ماهرن توڙي عام ماڻهن کي ان سان ڪي خاص اميدون ناهن، غريب عوام کي موجوده حڪمرانن ڪو رليف ناهي ڏنو. معاشي ماهرن موجب ڪنهن به ملڪ جي بجيٽ ان جي جي ڊي پي مطابق جوڙي ويندي آهي، ان جي آمدني ۽ خرچن جي تناسب جو جائزو ورتو ويندو آهي، غير ضروري خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پر اسان وٽ ملڪي معيشت کي بهتر ۽ مستحڪم بنائڻ لاءِ اهڙيون ڪي پاليسيون ۽ تجويزون غور هيٺ ئي ناهن ۽ نه ئي عوام کي رليف ڏيڻ جا قدم نظر ٿا اچن. ان کانسواءِ ملڪ تي وڌندڙ قرضن جي بار به ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان ته اڳوڻين حڪومتن طرفان کنيل قرضن جي جاچ لاءِ هڪ ڪميشن جوڙي هئي ۽ سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ معيشت جي تباهي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ٻاهريان قرض ۽ ان تي ادا ٿيندڙ وياج آهي، جنهن ملڪ ۾ نه خوشحالي اچڻ ڏني آهي، نه ترقي ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي غربت ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

وزيراعظم عمران خان جا عوام سان ڪيل واعدا رڪارڊ جو حصو آهن، پر ڪيڏانهن ويا 50 لک گهر غريب مسڪين ماڻهن کي ڏيڻ ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ وارا بيان؟ حقيقت اها آهي ته موجوده حڪومت ملڪي تاريخ ۾ مهانگائي کي بلند ترين سطح تي پهچائي غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، گڏوگڏ سوال اهو به ٿو پيدا ٿئي ته بجيٽ خسارو، گردشي قرض ۽ عالمي مالياتي ادارن جا قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي يا وري نوان قرض کنيا ويندا؟ ان ڳالهه تي افسوس ٿئي ٿو ته موجوده حڪومت به پنهنجي دعوائن جي ابتڙ اڳوڻين حڪومتن جيان قرض لاهڻ لاءِ وري قرض کڻڻ تي ڀاڙي رهي آهي، ڇا قرض وٺڻ جو اهو عمل اسان جي ملڪي معيشت هلائڻ لاءِ روايت بنائي وئي آهي، اڳ ئي ملڪ ۾ اٽي، کنڊ ۽ پيٽرول جا بحران پيدا ڪيا ٿا وڃن، مٿان وري بجيٽ به اهڙي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عوام کي ڪي به سهولتون ملندي نظر نٿيون اچن. آخر هن اقتصادي بحران جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي؟ موجوده حڪمران ته ان جي سڄي ذميواري اڳوڻين حڪومتن ۽ عالمي وبا ڪورونا وائرس کي قرار ڏي ٿي، پر ملڪ جي معاشي صورتحال ته گهڻي وقت کان خراب هئي ۽ جڏهن به نئين حڪومت اقتدار سنڀاليندي آهي ته معاشي صورتحال ويتر اڳ کان به خراب ٿي ويندي آهي، جيڪا اسان وٽ هڪ فرسوده روايت بڻجي چڪي آهي. بهرحال، ملڪ جي بدترين معاشي صورتحال ۽ پيٽروليم مصنوعات سميت ٻين عام استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگهه وڌائڻ سان اها ڳالهه ڪنهن به طرح سان رد نٿي ڪري سگهجي ته عوام هاڻ موجوده حڪومت مان مايوس ٿي چڪو آهي، ڇوته موجوده حڪمرانن غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي کي روڪڻ لاءِ ڪابه اثرائتي حڪمت عملي اختيار ناهي ڪئي، نه ئي صنعتن جي بحالي، ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون کان متاثر طبقي لاءِ به ڪنهن قسم جي رليف جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪاروباري برادري به مايوس ٿي آهي. ملڪ جي نوجوانن کي جيڪي اميدون هيون، انهن تي به تبديلي سرڪار پوري ناهي لٿي. تنهن ڪري موجوده حڪومت ايندڙ چونڊن ۾ عوام طرفان احتساب وٺڻ واري عمل لاءِ تيار ٿي وڃن.

هڪ طرف ملڪي معيشت جو اهو آهي ته ساڳئي وقت وسيلن جي ڦرلٽ ٿيڻ ڪري سنڌ ڌرتيءَ جا اصل ڌرتي ڌڻي پنهنجي حقن کان محروم آهن، بک بدحالي، بيروزگاري ۽ غربت ۾ پاهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ سکي ستابي زندگي گذارڻ محال آهي، اڄ به اهي فاقاڪشي تي مجبور آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻهن جي قسمت بدلائي نه سگهيا. هيءَ ڌرتي ڪيترن ئي قدرتي وسيلن سان مالامال هئڻ باوجود اڄ به ترقي نه ڪري سگهي آھي ۽ ڌرتي جي دشمنن جي سازشن جي ڪري سنڌ تي ڌارين جو قبضو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، جنهن ڪري سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن کي انهن مالي وسيلن کان محروم رکيو ويو آھي، ڪيترائي سنڌ جا نوجوان بک بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري خودڪشيون ڪري رهيا آھن ته ڪيترائي خاندان وري پنهنجي ٻچن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن، سنڌ جي مالي وسيلن تي ڌاريا قابض ٿي عيش و عشرت واري زندگي گذارين ٿا، مفاد پرست ڌريون پنهنجي ذاتي مفادن جي ڪري سنڌ جي غريب مسڪين ماڻھن کي پنهنجن حقن کان محروم رکي پنهنجا ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن معاملي تي سوديبازي ڪريو ڇڏين، پر انهن کي سنڌ جي ڌڻين تي ڪو رحم نٿو اچي، اهي ووٽ وٺي وڏن وڏن عهدن تي رهي سنڌ جي ماڻهن جي قسمت جا فيصلا ڪندا رهن ٿا، انهن کي ڪوڙا ڏٽا ۽ آسرا ڏئي هر ڀيري ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ جڏهن ووٽ حاصل ڪيا ويندا آهن ۽ اهي مفاد پرست ايوانن ۾ وڃي پهچن ٿا ته انهن کي عوام سان ڪيل واعدا ياد نٿا پون، پوءِ ڌاريا به اچي سنڌ جي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا هڻن، روزگار کسيو ڇڏين، ايتري تائين جو فيڪٽرين ۾ ننڍي سطح جا ملازم، ڊرائيور، پٽيوالا به ٻين صوبن مان گهرائي هتي ڀرتي ڪيا ٿا وڃن، پر افسوس ته سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ ڪير به اثرائتو ڳالهائڻ وارو ناهي، جيڪي ڳالهائڻ وارا هئا، انهن کي ته رستي تائين ئي هٽايو ويو، جن ڳالهائڻ چاهيو، تن کي خاموش ڪرايو ويو، ڪن سمجهوتا ڪري ورتا، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو لاوارثي ۽ غربت واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. اهو ئي سبب آهي جو ٻين صوبن جا ماڻهو، ڀلي اهي پنجابي هجن، بنگالي هجن، پٺاڻ هجن يا ٻي ڪنهن قوم يا خطي سان تعلق رکندڙ هجن، انهن جي هتي اچي مستقل رهڻ، ڪاروبار ڪرڻ، سنڌ جي ماڻهن جي روزگار ۽ ڪاروبار تي ڌاڙو هڻڻ، هتان جو سڏائڻ، ڪيئي ماڙ عمارتون ٺهرائي مسواڙن تي ڏئي ڇڏڻ، ٽرانسپورٽ هلائڻ، زمينون خريد ڪرڻ، شاپنگ مالز کولڻ توڙي ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهرائڻ تي ڪو اعتراض ناهي کڄيو ۽ نه ئي انهن جي انهن غيرقانوني ڪمن ۾ کين ڪا رُڪاوٽ پيش آئي آهي، ايندي به ڇو، انتظامي عملو جو انهن سان هٿ ۾ هٿ ڏئي هلي رهيو آهي! ساڳي ريت تازو گذريل مهيني ماسترين لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ شريڪ اميدوارن سان به اهو ئي حشر ٿيڻو وارو آهي، آءِ بي اي ڪا آسمان تان ناهي لٿي، ٽيسٽ لاءِ ڏنل پيپرن ۾ ڪيئي غلطيون ۽ آيل غلط سوال انهي ٽيسٽنگ اداري جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي نوجوانن کي ڪهڙي طرح ميرٽ تي نوڪريون ملنديون؟ اهو انتهائي ڇرڪائيندڙ سوال آهي!

advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو