حڪومتي خاطري بعد ليڊي هيلٿ ورڪرز جو احتجاج ختم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي 6 ڏينهن جي احتجاج کانپوءِ حڪومت ليڊي هيلٿ ورڪرز جا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. سروس اسٽرڪچر بهتر ڪرڻ ۽ چئني صوبن ۾ هڪجهڙيون مالي مراعتون ڏيڻ جي حڪومت خاطري ڪرائي ڇڏي. اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي 14 آڪٽوبر کان جاري هيلٿ ورڪرز جو احتجاج پارلياماني معاملن جي وزير علي محمد خان پاران ڳالهين ۾ يقين ڏيارڻ کانپوءِ ڌرڻو ختم ٿي ويو. مملڪتي وزير علي محمد خان پاران ڳالهين جي تحت سموري ملڪ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي هڪ جهڙين پگهارن جو معاملو سي سي آءِ ڏانهن موڪليو ويندو. وفاق وزير موجب پينشن ۽ گريجوئٽي جو معاملو وزيرا عليٰ پنجاب سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪليو ويندو جڏهن ته حڪومت هيلٿ مهم دوران ملازمن جي سيڪيورٽي لاءِ سمورن آءِ جيز ڏانهن خط لکي کين پابند ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو