حڪمران ڪورونا فنڊ مان 40 ارب کائي ويا آهن، مريم

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ۽ ان جا ڪرائي جا ترجمان مريم نواز جي بخار ۾ مبتلا آهن. فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته عوام وٽ کاڌو پچائڻ لاءِ گئس ناهي پر انهن جون رڳو تقريرون ٻڌو، حڪمران ڪورونا رليف فنڊ جا 40 ارب کائي ويا، 400 ارب رپين جي کنڊ کائي ويا. سندس چوڻ هو انهن کان پڇو ته جواب ۾ رڳو شهباز شريف ۽ نواز شريف جو نالو کڻن ٿا، عوام هڪ ئي تقرير ٻڌي رهيو آهي، جيڪڏهن توهان وٽ تقرير ناهي ته ڪيسيٽ ئي تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو حڪومت کان اٽي، کنڊ ۽ قرض ڪميشن جي رپورٽ گهرو ته جواب نواز شريف ۽ شهباز شريف ملندو آهي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جو پڇو ته به ساڳيو جواب ملندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو