حنيف عباسي ضمانت بعد ڪيمپ جيل لاهور مان آزاد ٿي ويو

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت بعد پنجاهه پنجاهه لک جا مچلڪا جمع ڪرائڻ بعد ڇنڇر تي ڪيمپ جيل لاهور مان آزاد ٿي ويو. سندس خاندان جي ڀاتين ۽ مسلم ليگ جي ڪارڪنن سند ڀرپور استقبال ڪيو. کيس گلن جا هار پارايا ويا ۽ مٿس گل به ڇٽيا ويا. لاهور هاءِ ڪورٽ ايفيڊرين ڪيس ۾ حنيف عباسي جي عمر قيد واري سزا معطل ڪندي کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جسٽس عاليه نيلم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ سندس سزا معطل ڪري ضمانت منظور ڪندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. درخواست گذار چيو ته ڪيس ۾ نامزد ٻين ستن جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي. درخواست گذار عدالت ۾ چيو ته انسداد منشيات عدالت فيصلي ۾ اهم قانوني نقطن کي نظرانداز ڪيو هو ۽ سندس خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس ٺاهيو ويو هو. واضح رهي ته 2011 ۾ مخدوم شهاب الدين جي وقت ايفيڊرين ڪوٽا ڪيس منظر تي آيو هو  ۽ حنيف عباسي تي الزام هو ته هن 5000 ڪلوگرام ايفيڊرين پنهنجي “گري فارماسٽيڪل ڪپني” لاءِ ڪوٽا ورتي ۽ بعد ۾ دواسازي ۾ استعمال بدران منشيات فروشن کي وڪرو ڪري ڇڏي هئي. جنهن تي انسداد منشيات عدالت کيس عمر قيد جي سزا ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو