حملي ۽ ناري جي اغوا جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ احتجاج

ٺل(ن سنڌيار)ٺل ۾ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو مامرو،ناري جي اغوا ۽ جهيڙي جو ڪيس داخل،جوابدار گرفتار نه ٿيا،جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٻرڙا برادري جو ٻئي ڏينهن به ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.   ناري جي اغوا ۽ جهيڙي جو ڪيس فريادي فريد احمد ولد غوث بخش ٻرڙو جي فرياد تي غلام قادر ٻرڙو، ڪملو، ميان، عبدالرئوف، راجا، صادق،غلام نبي، امير بخش، شاهنوا،ظفر ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي،جنهن ڪيس ۾ پوليس پاران ڪوبه جوابدار گرفتار ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته حملي ۽ ناري جي اغوا ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي،مظاهرين جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جمال الدين ٻرڙو،غوث بخش ٻرڙو،فريد احمد ٻرڙو،دودو ٻرڙو،ممتاز ٻرڙو،گل حسن ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته جوابدارن اسان جي گهر تي حملو ڪندي اسان جي نوجوان کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ اسان جي ناري کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن ڪيس داخل هئڻ جي باوجود پوليس هن مهل تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي  آهي،هنن چيو ته ڪيس ۾ گهربل جوابدارن  کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو. ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ لاءِ علائقي جي معززين سرگرم ٿي ويا آهن ميڙ منٿ ڪئي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تان جهيڙو ٿيو آهي،مامري جو ڪيس داخل ڪيو آهي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو