شهباز ۽ حمزه تي رمضان شگر ملز ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

لاهور (م ڊ) احتساب عدالت ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي رمضان شگر ملز ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ٻنهي جوابدارن ڏوهه تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. جسٽس نجم الحسن جي عدالت ۾ نيب جي وڪيل چيو ته چينوٽ ۾ واقع رمضان شگرملز جنهن جو حمزه شهباز ڊائريڪٽر آهي، تنهن جي نيڪال لاءِ نالو سرڪاري خرچ تي 20 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ٺهرايو ويو. رقم جي منظوري ميان شهباز شريف بطور وزيراعليٰ ڏني ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. ان موقعي تي شهباز شريف به موجود هو جنهن چيو ته خدا گواه آهي ته هن ڪجهه به غلط ناهي ڪيو. جنهن تي جج کيس چيو ته توهان پنهنجي واري مهل ڳالهائجو. هوڏانهن ايف آءِ اي دبئي فرار ٿيندڙ محمد مشتاق کي لاهور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو آهي. هن تي الزام آهي ته هو شريف فيملي جو فرنٽ مين آهي ۽ 60 ڪروڙ روپيا حمزه جي ڀاءُ سلمان شهباز جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا آهن. ياد رهي ته سومر تي لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي گرفتاري کان  نيب کي روڪيندي17 اپريل تائين سندس عبوري ۽ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي هئي. عدالت حمزه شهباز کي هڪ ڪروڙ جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي کانئن 17 اپريل تي جواب طلب ڪرن جو حڪم جاري ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو