لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي اربع تي ٻن ريفرنسز صاف پاڻي ۽ رمضان شگر ملز ۾ به گرفتاري کان نيب کي روڪيندي17 اپريل تائين سندس عبوري ۽ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. عدالت حمزه شهباز کي هڪ هڪ ڪروڙ جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي نيب کي ايندڙ حاضري تي جواب ڏيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اڳ ۾ ئي سندس ضمانت منظور ڪري چڪي آهي. سومر تي جڏهن حمزه شهباز عدالت آيو هو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ ن جا ڪافي ڪارڪن نعريبازي ڪري رهيا هئا جنهن تي عدالت ناپسنديدگي جو اظهار ڪيوهو. نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايوهوته حمزه خلاف نيب وٽ ٽي ڪيس آهن جن ۾ آمدن کا وڌيڪ اثاثا، رمضان شگرملز ۽ صاف پاڻي ڪيس شامل آهن. هن چيو ته اثاثن کا علاوه ٻين ڪيسن م اڃا وارنٽ جاري ناهن ٿيا. هن چيو ته نيب آمدن کا وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪرڻ چاهي پئي ڇو ته سندس اڪائونٽس ۾ ٽرانزيڪشن ڪئي پئي وڃي ۽ ثبوت مٽائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. واضح رهي ته گذريل ڇنڇر تي سندس گرفتاري لاءِ نيب ٽيم پنج ڪلاڪن جي تماشي بعد عدالت پاران حمزه کي 8 اپريل تائين ضمانت ڏين بعد واپس هلي وئي. نيب ٽيم پنجاب پوليس جي وڏي نفري سان گڏ حمزه شهباز جي گرفتاري لاءِ ماڊل ٽائون پهتي ته مسلم ليگي ڪارڪن به پهچڻ شروع ٿيا. پوليس ۽ ليگي ڪارڪنن ۾ ڌڪا ڌوڻا ٿيا ۽ ڪارڪنن نيب خلاف نعريبازي ڪئي.آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ بابت ڪيس ۾ نيب موجب حمزه شهباز تعاون نٿو ڪري تڏهن کيس گرفتار ڪرڻ چاهيون ٿا. پنج ڪلال شهباز شريف جي گهر جو گهيراءُ جاري رهيو ۽ حمزه شهباز گهر جو دروازو بند ڪري ڇڏيو، نيب وارن ڏاڪڻ به گهرائي ۽ چيو ته حمزه شهباز کي هر حال ۾ گرفتار ڪبو. ڪالهه به نيب ٽيم جڏهن گرفتاري لاءِ سند گهر پهتي ته حمزه جي محافظن ۽ مسلم ليگي ڪارڪنن نيب ٽيم کي ڪٽڪو ڏئي روانو ڪيو هو ۽ سندن ڪپڙا به ڦاڙيا هئا.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو