حليم عادل پاران گٽر جي پاڻي ۾ گهيريل اسڪول جو دورو

ڪراچي( رپورٽ باغي ساگر پنھوار) سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ نيو ڪراچي جي علائقي خميسه ڳوٺ ۾ قائم اسڪول جو دورو ڪيو اسڪول ۾ بارش ۽ سيوريج جو گندو پاڻي بيھڻ ڪري بلڊنگ خسته حالي جو شڪار ٿي وئي گٽرن جو گندو پاڻي اسڪول ۽ گھرن ۾ داخل ٿيڻ ڪري معصوم ٻارڙا گندي پاڻي مان گذري تعليم حاصل ڪرڻ لڳا، 200 کان وڌيڪ ٻارڙن جو اسڪول سنڌ حڪومت وزير تعليم جي نااھلي سبب منشيات فروشن لاء آرام گاھ بڻجي ويو، ان موقعي تي حليم عادل شيخ ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جا پيارا صرف شاھراه فيصل تي دورو ڪرڻ ۾ پورا آھن، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ عوام پريشان آھي، سنڌ حڪومت ڪاروبار کانپوء تعليم تي وار ڪيو آھي، ايڊمنيسٽر گزريل ڏيھن فوٽو سيڪشن ۾ پورو آھي ھي خميسه ڳوٺ جا ماڻھو پ۔ پ جا ووٽر آھن جيڪي ٻن ڪلاڪن جي برسات کانپوء ھي گٽرن جي گندي پاڻي سبب پريشان آھن، مستقبل جي معمارن جي اسڪول اندر تعليم بجاء منشيات جو ڪاروبار ھلي پيو، جنھن سان معصوم ٻارڙن جي تعليم تي اثر پوي ٿو، گٽرن جي گندي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء به ڀنگي پئسا گھرن پيا ھي آھي سنڌ حڪومت جو حال ھر طرف ڪرپشن جي ڀرمار لڳائي ويٺا آھن،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو