حليم عادل پاران حملي جي جاچ لاءِ وزيراعظم کي خط

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ وزيراعظم عمران خان کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته نوابشاهه جي دوري دوران مٿس ٿيل حملي جي جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو آهي ته هي پنجون ڀيرو آهي ته پي پي حڪومت مٿس حملو ڪيو آهي. هن چيو ته زرداري هائوس جي سامهون جڏهن هو گذريو ته مٿس فائرنگ ڪئي وئي، ڏنڊن ۽ انڊن سان حملو ڪيو ويو. پي پي ۽ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ٻکين پئجي ويا ۽ هڪٻئي کي ڌڪا ڌوڻا ڏنا.

Photo Sindhyar

هن چيو ته جڏهن سندس حامي وڌيڪ پهتا ته پي پي جا حملي آور ڀڄي ويا. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي سعود مگسي ڪافي عرصي کان سنڌ ۾ رهيا آهن ۽ پروموشن باوجود روٽيشن پاليسي هيٺ صوبي کان ٻاهر نه ويا آهن، کين فوري هٽايو وڃي ۽ ٻين صوبن ۾ بدلي ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ پوليس پيپلز پارٽي جي ڪمداري وارو ڪم پئي ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو