حليم عادل شيخ عمر ڪوٽ جي عدالت ۾ طلب

عمرڪوٽ ( اي بي آريسر) ڪنري ۾ حليم عادل شيخ ۽ ساٿين پاران پيپلز پارٽي جي حامي نوجوان کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ پاران حليم عادل شيخ کي حاضري کان ڇوٽ واري فيصلي کي فريادي ڌر پاران چيلينج ڪيو ويو. وڪيل پرشوتم کتري ۽ محمد رحيم خاصخيلي معرفت سيشن عدالت ۾ فيصلي کي چئلينج ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. فريادي محمد خالد جٽ پاران جوڊيشنل مئجسٽريٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته حليم عادل شيخ پي ٽي آئي جو ايم پي اي آهي پر هن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هو اپوزيشن پارٽي جو سنڌ اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر آهي، جڏهن ته اپوزيشن پارٽين جو ليڊر شميم نقوي آهي، حليم عادل شيخ ڪورٽ کي گمراهه ڪري ڪوڙ ڳالهائي ڇوٽ حاصل ڪئي آهي. ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت حليم عادل شيخ کي سومر 13 اپريل تي عدالت ۾ طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو