حليمه سلطان ڪيو موبائيل جي ايمبيسڊر، مخالفت ۽ حمايت

ڪراچي (ويب ديسڪ) ڪيو موبائل پاران ترڪ ڊرامي جي هيروئن ايسرا بلگچ جيڪا حليمه سلطان جي نالي سان ڪردار ادا ڪري رهي آهي تنهن کي برينڊ ايمبيسڊر مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن تي ڪجهه پاڪستاني اداڪارن اعتراضڪندي چيو ته ڇا پاڪستاني ڪمپني کي ڪا به پاڪستاني اداڪارا نه وڻي جو پرڏيهي اداڪارا جي چونڊ ڪئي وئي آهي. اهڙو اظهار ۽ اعتراض ياسر حسن انسٽا گرام تي ڪيو. هن پاڪستن جي مشهور سڀني اداڪارائن جا نالا لکي چيو ته ڇا هنن مان هڪ به ان لائق نه هئي.

Haleema Photo Instagram and Yasir Photo Facebook

سندس پوسٽ ايمن خان ۽ منال خان به شيئر ڪر سندس موقف جي حمايت ڪئي. جنهن تي مشهور اداڪار آغا علي ياسر جو نالو وٺڻ کانسواءِ مٿس طنز ڪئي ته اوهان محنت ڪريو. هن چيو ته جهڙي طرح پاڪستاني اداڪار انٽرنيشنل برينڊ م ڪم ڪرڻ ۾ خوش ٿيندا آهن ته کين پرڏيهي اداڪارن جي پاڪستاني برينڊ ۾ ڪم ڪرڻ تي کين اعتراض نه ڪرڻ گهرجي.  ياد رهي ته اڳ ۾ شاهد آفريدي جي ڀاءُ جاويد آفريدي جاويد آفريدي حليمه سلطان کي پشاور زلمي جي ٽيم لاءِ ايمبيسڊر مقرر ڪرڻ بابت ٽوئٽ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو