حق گهرڻ ڏوهه ناهي، کنڀيل ڪارڪن جي بازيابي لاءِ احتجاج

نوشھرو فيروز (منظور ملڪ)پروگريسو يوٿ الائنس ٺاروشاھ پاران زوري کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي گم ٿيل ماڻهن جي آزادي جو مطالبو  ڪيو ويو. سرمد سيال ، امير ڀٽي سنائي، مصدق سيال عبيد سيال جي اڳواڻي ۾ جبري کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي مظاهري ۾ جسم جي ضلعي نوشهرو فيروز جي صدر عرفان ڏاھري عالم بالادي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي تعلقه ڀرياسٽي جي جنرل سيڪريٽري مختيار حسين بالادي شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جبري طور تي کنڀي ڪيل محمد امين عاقب چانڊيو حفيظ پيرزادو ۽ ٻين ماڻهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ھنن چيو ته ڪنهن به سياسي ڪارڪن مٿان ڪو به ڪيس داخل آھي ته ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. پرامن انداز ۾ حقن جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گناهه ناهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو