حضرت امام حسين جي شهادت

محمد فاروق ٻرڙو قادري

حضرت ابو سعيد رضه کان روايت آهي ته حضور محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو ته امام حسن ۽ اما حسين رضه جنت جي جوانن جا سردار آهن، ٻي روايت حضرت ابن عمر رضہ کان آھي تہ سھڻي سردار مدني تاجدار محبوب ڪريم صلي اللہ عليہ وآله وسلم فرمايو ته حقيقت اھا آھي ته بيشڪ حضرت حسن ۽ حسين رضي اللہ تعالیٰ عنہما منهنجي دنيا جا ٻه گل آھن جھڙي نموني گل خوبصورت ۽ خوشبوءِ وارو ھوندو آھي ۽ انسانن کي وڻندو آھي، تيئن منھنجا حسن و حسين رضي اللہ تعالیٰ عنہما ٻه گل آھن، ٻي حديث ۾ ھن طرح آھي حضرت علي شير خدا رضي اللہ عنہ فرمائي ٿو ته حضرت حسن رضہ حضور اڪرم صلي اللہ عليه وآله وسلم جي مٿي مبارڪ کان وٺي سيني مبارڪ تائين جي حصي تائين مشابھہ آهي، ۽ حضرت حسين رضي اللہ عنہ حضور محبوب ڪريم صلي اللہ عليہ وآله وسلم جي سيني مبارڪ کان بعد جي حصي جي مشابھه آهي، (ترمذي شريف، مشڪواة)

حضرت سلمه رضي الله عنھا بيان ڪري ٿي ته ھڪ ڏينھن آئون ام المؤمنين ام سلمہ رضي اللہ عنھا جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، ڇا ٿي ڏسان ته ھو روئي رهي آهي مون پڇيو ته ڇو روئي رهي آھين، ام المؤمنين چيو ته مون حضور صلي اللہ عليہ وآله وسلم کي خواب ۾ ڏٺو آهي، ۽ ھن حالت ۾ ڏٺم جو پاڻ ڪريم صلي اللہ عليہ وآله وسلم جو مٿو مبارڪ ۽ ڏاڙھي مبارڪ گرد آلود ھئا، پوءِ مون عرض ڪيو يا رسول الله صلي اللہ عليہ وآله وسلم توهان ائين ڇو آهيو، ته پاڻ ڪريم صلي اللہ عليه وآله وسلم فرمايو ته آئون ھينئر حضرت حسين رضي اللہ عنہ جي قتل گاھ ۾ موجود ھئس، ۽ اتي ڏسي رهيو ھوس ته منهنجي جگر جي ٽڪري کي ظالمن ڪھڙي نه بيدرديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو، (مشڪواة) ابو نعيم دلائل ۾ حضرت ام سلمہ رضي اللہ عنھا کان روايت ڪري ٿو ته حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ جي قتل يعني شھيد ٿيڻ تي مون جنن کي به روئندي ڏٺو ھو، حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ ھجرت جي چوٿين سال 5 شعبان مدينہ منوره ۾ پيدا ٿيا، ۽ 10 محرم 61ھ ۾ 55 سالن جي عمر ۾ شھيد ٿي ويا، حضرت محبوب ڪريم صلي اللہ عليہ وآله وسلم خود حضرت امام حسين رضہ جي سنت تحنيڪ فرمائي، يعني کجور چٻاڙي ڪري ان جو رس حضرت حسين رضہ جي منھن ۾ وڌو ۽ آذان ڪن ۾ ڏنائون، ۽ دعا فرمايائون،حضور صلي اللہ عليہ وآله وسلم حضرت امام حسين رضہ جي باري ۾ فرمايائون: حسين رضہ مون کان آھي ۽ آئون حسين رضہ کان آھيان، اي الله جيڪو حسين رضہ کي محبوب رکي تون ان کي محبوب رک، حضرت ابو هريره رضہ فرمائي ٿو ته ھڪ دفعو حضور صلي اللہ عليہ وآله وسلم مسجد ۾ تشريف فرما ھئا، فرمايائون ته حضرت حسين رضہ ڪٿي آهي؟ ايتري ۾ حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ آيو ۽ محبوب ڪريم صلي اللہ عليہ وآله وسلم جي ھنج مبارڪ ۾ ڪري پيو، پاڻ ڪريم صلي اللہ عليہ وآله وسلم ان کي چمي ڏنائون ۽ فرمايائون يا الله آئون حسين رضہ سان محبت ڪريان ٿو، تون به ھنن سان محبت رک ۽ ان شخص سان محبت رک جيڪو حضرت حسين رضہ سان محبت رکي،

حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ اھلبيت مان آهي ۽ جنت جي نوجوانن جو سردار به آهي ليڪن اھو سڀ شرف محنت ۽ عظمت سان مليو آهي، ان لاءِ حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ اھڙي عظيم تاريخي قرباني پيش ڪئي آهي جو ان جو مثال ملڻ دنيا جي تاريخ ۾ محال آهي، ۽ ان واقعي کي ھڪ خاص امتياز حاصل آهي ھڪ طرف ظلم جي بيحيائي ۽ جورو ستم جو ھولناڪ منظر ته ٻئي طرف آل اطھار رسول الله صلي اللہ عليہ وآله وسلم جي چشم و چراغ ۽ ان جي 72 ساٿين جي ننڍڙي جماعت جو باطل سان مقابلو ۽ ان سان جھاد تي ثابت قدمي ۽ قرباني ۽ جان نثاري جا اھم واقعات جن جي نظير تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي ۽ انھيءَ واقعي ۾ ايندڙ نسلن لاءِ ھزارين عبرتون ۽ حڪمتون پوشيده آهن،

حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ جن ڪربلا جي تتل ڌرتي ميدان ۾ پنھنجي جان جو نظرانو پيش ڪري پيغمبر اسلام جي سنت کي زنده ڪيو، بنو اميہ ھي ڪوشش ڪري رهيو هو ته محبوب ڪريم صلي اللہ عليہ وآله وسلم جي سنت کي مٽائي جھاليت جي زماني کي رائج ڪري رهيو هو، اھا ڳالھ حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ کي پسند ۽ چڱي نه لڳي، سندس قول مان سمجھ اچي ٿي آئون عيش آرام جي زندگي گذارڻ يا فساد پکيڙڻ جي نه وڃي رهيو آهيان بلڪ منھنجو مقصد امت اسلامي جي اصلاح ۽ پنهنجي ناني رسول الله صلي اللہ عليہ وآله وسلم ۽ پنهنجي بابا حضرت علي شير خدا رضي اللہ عنہ جي سنت تي ھلڻ آهي، بنو اميہ پنهنجي ظاھري اسلام جي ذريعي ماڻھن کي دوکو ڏئي رهيا هئا واقع ڪربلا جي انھن جي چھري تان منافقت جو پردو ڦاڙي ظاهر ڪيو ته جيئن انھن جو اصلي چهرو ماڻھن جي سامھون اچي سگهي، گڏوگڏ ان واقعي انسانن ۽ مسلمانن کي ھي سبق به ڏنو ته انسان کي ھميشہ ھوشيار رھڻ گھرجي دين جي لباس اوڊيل مڪار ماڻھن کان دوکو نه کائڻ گهرجي، حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ جي عظيم قربانيءَ دنيا وارن جي سامھون ھي به ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته حقيقي مسلمان ڪير آهي، ٿورڙي دنيا جي مفادن خاطر ڪنهن اسلام ۽ مذهب جو لباس اوڍي رکيو آهي، معمولي ديندارن ۽ ايمان جي ڪوڙن دعويدارن جي سڃاڻپ مشڪل ٿي پئي آهي، ۽ جيستائين انھن سڀن کي نه سڃاتو وڃي ان وقت تائين اسلامي معاشرو پنھنجي حقيقت جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهي، ڪربلا ھڪ اھڙي آزمائش جي جاءِ ھئي جنھن تي مسلمانن جي ايمان، دين تي قائم حق پرستي جي دعوائن کي پرکيو ويو، حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ فرمايو ته ماڻهو دنيا پرست آهن، جڏهن آزمائش ڪئي ويندي آ ته ديندار گھٽ تعداد ۾ نڪرندا آهن، حقيقي مسلمان اھو آھي، جيڪو آزمائش جي گھڙيءَ ۾ ثابت قدم رهي ۽ دنيا جي مفادن جي لاءِ پنهنجي آخرت خراب نه ڪري ڇڏي،

اھو 10 محرم جمعة المبارڪ جو ڏينهن ھو، ڪن چيو ته ڇنڇر جو ڏينهن ھو صبح جي نماز کان فوراً بعد عمر بن سعد لشڪر ساڻ اچي ويو، حضرت امام حسين رضہ سان گڏ ان وقت ڪل 72 اصحاب ھئا 32 سوار ۽ 40 پيادل ھئا، حضرت امام حسين رضہ پنهنجي لشڪر جي صف بندي ڪئي، عمر بن سعد جي ھڪ 1000 لشڪر جو امير حربن يزيد ھو جيڪو حضرت امام حسين رضہ سان ملي ويو، ۽ عرض ڪيائين ته اي حسين رضہ آئون مرڻ تائين ھاڻي تو سان رھندس ۽ ائين ئي ٿيو، جنگ ۾ پھريون تير شمر اڇلايو، ان کان بعد حربن يزيد مختصر خطبو ڏنو ۽ ان کان پوءِ گھمسان جي جنگ شروع ٿي وئي، حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ جي ساٿين ڪافي ڪوفين کي موت جي ننڊ سمهاريو ۽ ڪجھ پاڻ به شھيد ٿي ويا، تان جو نماز ظھر جو وقت ٿي ويو، قتال ڪندي اھي ماڻھو ھاڻي حضرت تائين پھچي چڪا هئا، حضرت امام حسين رضہ جا سڀ ساٿي ۽ عزيز رشتيدار شھيد ٿي چڪا هئا، آخر حضرت امام حسين رضہ اڪيلو رھجي ويو ڪنھن جي ھمت ئي نه ھئي جو حضرت امام حسين رضہ ڏانھن وڌي ڪافي دير تائين اھا ڪيفيت رھي ته جيڪو به حضرت امام حسين رضہ ڏانھن وڌيو ٿي اھو واپس ورندو ٿي ويو، مگر ھمت نه ٿيڻ جو حسين رضہ تي وار ڪري، ايتري ۾ ھڪ شقي القلب مالڪ بن نسير اڳتي وڌيو ۽ حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ جي مٿان تلوار جو وار ڪيائين پاڻ شديد زخمي ٿي ويو، ان وقت پنھنجي ننڍڙي پٽ عبدالله رضہ کي سڏ ڪرائي، سندس ھنج مبارڪ ۾ ويھاريو بني اسد جي ھڪ بدنصيب حضرت عبدالله کي به تير ھڻي ڪري ھلاڪ ڪري ڇڏيو، حضرت امام حسين رضہ کي شديد اڃ لڳل ھئي، تنھن ھوندي به بھادري ۽ دليريءَ سان لڙندو رهيو ته شمر ڏھ ماڻهو وٺي آيو جڏهن شمر جنھن کي به حضرت امام حسين رضي اللہ عنہ تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪلي ته ھو واپس ڀڄي اچي تڏھن شمر ذوالجوشن چيو ته سڀ گڏجي ڪري حملو ڪيو تڏهن سڀني گڏجي حملو ڪيو ۽ ابن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم دليرانہ مقابلو ڪندي شھيد ٿي ويا،          farooqburiro9@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو