حشو ڪيولراماڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب

ڀرياسٽي (رپورٽ  منظور ملڪ) ڪرٽيڪل اسٽڊي فورم توڙي سول سوسائيٽي سنڌ جي تاريخ سان چاهه رکندڙ ن  هند ۽ سنڌ جي عظيم ڏاهي اديب  ڀريا ڄائي حشو  ڪيولراماڻي جي جنم  ڏينهن جي حوالي  سان  هڪ تقريب ڪوٺائي وئي  ، تقريب  کي خطاب ڪندي  اديبن تاريخ سان  چاهه رکندڙن  ۽ صحافين  علي شير  ڪيريو  ، استاد نصير ملاح ، امانت علي وسطڙو ، مسرور شاهه ، ذيشان علي ڪيريو ۽ ٻين چيو ته  پاران ڀرياسٽي پريس ڪلب جي سھڪار سان  سنڌ ۽ ھند جي نامياري اديب دانشور ۽ ليکڪ ڀرياسٽي ڄائي(  حشمت راءِ )  عرف حشو ڪيولراماڻي  کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا۽ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو آهي  ميڙاڪي ۾ کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪندي اڳواڻـن چيو  ته حشو ڪيولراماڻي  هڪ  بھترين ليکڪ اديب دانشور ڏاهو  ۽ فلاسفر ھو ، حشو سنڌي ٻولي جي تاريخ ساز شخصيت ھو. ھنن چيو تـ حشو ڪيولراماڻي جون علمي ادبي خدمتون نمايان آھن حشو لا۽ سائين جي ايم سيد  پنهنجي  هڪ   ڪتاب  ۾  لکيو آھي تـ حشو اھا شخصيت آھي جنھن مان خود   پرايو آھي حشو ادب ۾ منھنجو استاد آھي  ھنن چيو تـ حشو ڪيولراماڻي تاريخ جو پھريون جلاوطن ليکڪ آھي جيڪو ھن مھل تائين گمنام آھي  حشو  جو سنڌ ۽ سنڌد ٻولي لا۽ ادا ڪيل ڪردار ساراھ جوڳو آھي ھنن چيو تـ حشو سنڌ ۾ مارڪس جو فلسفو کڻي آيو ۽ شاگردن کي ڪميونزم جي راھ ڏيکاريائين ھنن وڌيڪ چيو تـ اسان کي اھڙن سپوتن جا ڏھاڙا ملھائڻ گھرجن جن سان نوجوانن ۾ اتساھ پيدا ٿي سگھي  ۽  اهڙن  عظيم ڏاهن  متعلق  ڄاڻ ملي سگهي  ـ ھنن مطالبو ڪيو تـ حشو ڪيولراماڻي نالي سان  ڀرياسٽي ۾ يادگار تعمير ڪرايو وڃي  هنن  ٻڌايو حشو ڀريا شهر ۾ جتي رهندو هو ان  عمارت کي ڊاهي   اتي  ٻي   عمارت  جوڙي  وئي   آهي ـ   پروگرام جي آخر ۾ محفل موسيقي ۾ صوفي فنڪار شھمير سولنگي سر وکيريا

پهنجو تبصرو موڪليو