“حسنِ اخلاق” سڀ کان وڏي دولت

ابرار علي سمون

اخلاق مان مراد “ڪردار” ۽ حسن مان مراد ” سٺو يا سھڻو”، حسنِ اخلاق جو مطلب سٺو ڪردار يا سھڻو سلوڪ. حسن اخلاق وارو انسان چنڊ وانگر ھوندو آھي جيڪو جھالت ۽ بي حيائي جي اوندھ کي پنھنجي اخلاق سان روشن ڪندو آهي، جيئن رنگ پاڻي ۾ ملائجي ته پاڻي جو رنگ به ان رنگ جھڙو ٿي ويندو ائين ئي جڏھن اخلاق وارو بد اخلاق ۽ عيبدار سان ملندو آھي ته اھي به اخلاق وارا ٿي ويندا آھن. جيئن صبح. جو سج اڀرڻ ساعت آھسته آھسته روشني ڦھيلجندي آھي ۽ اونداھي رات ھڪ روشن ڏينھن ۾ تبديل ٿي ويندو آھي ائين ئي اخلاق واري جو اخلاق آھسته آھسته ڦھيلجندي غلط سوچ ۽ ويڇن جي سياھي جي ختم ڪندو آھي . جيئن پينسل سان لکيل شئ آسانئ سان ميسارجي ويندي آھي ائين ئي اخلاق انسان جي گناھن ۽ براين کي ميساريندو آھي . جيئن زم زم جو پاڻي عام پاڻي سان ملائجي ته اھو عام پاڻي به زم زم ٿيو پوي ائين ئي اخلاق جو ذرو به اگر انسان ۾ پئجي وڃي ته اھو ذرو به ان کي اخلاق وارو بڻائي ڇڏيندو آھي.

اخلاق پاڇي وانگر اسان سان گڏ ھوندو آھي ڪوئي ان کي ڪيڏو به ڪَٽڻ جي ڪوشش ڪري اھو نه ڪٽبو آھي ۽ جڏھن انڌيرو ھوندو آھي ته اھو پاڇو روح جيئان اسان سان گڏ ھوندو آھي.

اخلاق واري جي زندگي شھزادئ جي زلفن وانگر ھوندي آھي جنھن مان خوشبؤ ايندي آھي ۽ ريشم وانگر نرم ھوندا آھن پوپٽ ۽ ڀوئنر ان ڏانھن مائل ٿيندا آھن ۽ بد اخلاق واري جي زندگي وکريل وارن وانگر ھوندي آھي . حسن اخلاق اھڙو جادو آھي جيڪو انسان جي ٻگھ مان ھنج ، ڪرگز مان شاھين ۽ سيھڙ مان شينھن بڻائيندو آھي . زندگي ھڪ موڙ آھي جنھن جا ٻه رستا آھن ھڪڙو رستو حسنِ اخلاق وارو آھي جيڪو اسان کي جنت جي باغن جي منزل تي رسائيندو آھي ۽ ٻيو رستو بد اخلاقي جو آھي جيڪو اسان کي جھنم جي کڏين تائين پھچائيندو آھي.جيئن جسم جي تمام حصن کان قلب وڌيڪ قيمتي ھوندي آھي ائين ئي حسنِ اخلاق ٻين خصلتن کان وڌيڪ عظيم خصلت آھي ، شايد دل کانسواء اسان ۾ ساح نه ھجي پر اسان جو جسم صحيع ھجي پر حسنِ اخلاق کاننسواء نه اسان جو ضمير صحيع ھوندو نه سوچ ۽ نه وري جسم . حسنِ اخلاق اکين وانگر ھوندو آھي اگر توھان بند ڪندؤ ته دنيا اوھان لاء عذاب ھوندي ۽ اگر اھي ئي اکيون کولي ھلندؤ ته دنيا اوھان لاء نعمت ھوندي . جنگل ۾ شينھن ٻين سڀين جانورن تي راج ڪندو آھي ۽ انھن کي ماري ناس ڪندو آھي ائين ئي حسنِ اخلاق ٻين عادتن جھڙوڪ ڪوڙ ، جھيڙو ، عداوت ۽ بغاوت وغيره تي راج ڪندو آھي ۽ انھن کي نيست و نابود ڪندو آھي . حسنِ اخلاق ميوزڪ جي سازن وانگر پاڪ ۽ موھيندڙ ھوندو آھي، حسنِ اخلاق پيسي کان وڌيڪ قيمتي آھي ڇو جو اوھان پيسي سان دوست خريد ڪري سگھو ٿا ته ۽ خوشي نه پر اوھان حسنِ اخلاق سان خوشي حاصل ڪري سگھو ٿا پوء اھا دوست جي ذريعي ھجي يا دشمن جي ، توھان پيسي سان بسترو خريد ڪري سگھو ٿا پر ننڊ نه ۽ حسنِ اخلاق سان اوھان ڀلي بسترو خريد نه ڪيو پر ننڊ سڪون جي ڪندؤ ، پيسي سان اوھان انسان خريد ڪري سگھو ٿا ته پر پيار نه ۽ حسنِ اخلاق سان اوھان پيار حاصل ڪري سگھو ٿا پوء اھا انسان جي ذريعي ھجي يا جانور جي ، پيسو اوھان کي طوفانن کان بچڻ لاء ڇت ڏيندو پر حسنِ اخلاق اوھان کي طوفانن مانجھي مرد ٿي منھن ڏيڻ  جي ھمٿ ڏيندو ، پيسو ورھائڻ سان ختم ٿيندو آھي پر  حسنِ اخلاق ورھائڻ سان وڌندو آھي مطلب زندگي جي ھر موڙ تي ٻين سڀين شئين کان وڌيڪ حسنِ اخلاق آھي.جيئن ڪپڙا صرف (ڪيميڪل) سان ڌوئي پوء استري ڪبا آھن ته اھي شاندار لڳندا آھن  ۽ انھن مان خوشبؤ اچڻ شروع ٿيندي آھي ائين ئي حسنِ اخلاق انسان جي غلط عادتن ، غلط سوچ ۽ غلط صحبت کي ڌوئي ان انسان جي استري ڪري سڌو ۽ شاندار بڻائيندو آھي ، حسنِ اخلاق اھڙو تڙ آھي جيڪو اوھان کي جتن ڪرڻ لاء چاھ پيدا ڪندو آھي ، اھا اھڙي جوت آھي جيڪا دين و دنيا جي امتحانن ۾ سوڀ ڏياريندي آھي، اھو اداس ۽ مونجھارن کان ڇوٽڪارو ڏيندو آھي ، حسنِ اخلاق ٻين سڀين وٿن ۾ لاڀائتو آھي ، حسنِ اخلاق واري جي ھر ماڳ تي ھيجان احترام ۽ اونو ڪيو ويندو آھي ، ان جي ڳڻپ زنده ماڻھن ۾ ٿيندي آھي ۽ ان کي نيڪ و نھٺو سمجھيو ويندو آھي ، ھن عادت سان وابسطه رکڻ واري انسان جو ھر ڏڻ ترقي ۽ نيڪ نامي طرف ويندو آھي .

اڄڪلھ جا انسان ڪارَ ۾ پنھنجون زندگيون بسر ڪري رھيا آھن ، قسمين قسمين جون ھڪ ٻئي لاء خندقون کوٽن ٿا ، پاڻ کي جڳ ۾ مؤمن ۽ پرھيزگار سڏرائي ٻين کي اھنج ڏين ٿا ،جيئن ڪوئو جنھن آستان ۾ پناھ وٺندو آھي اُتي ئي انھن جون شيون ٽُڪي انھن جو نقصان ڪندو آھي اڄڪلھ جا انسان به بلڪل ائين آھن جنھن مڻيادار جي پناھ ۾ رھندا آھن ان کي ئي ٽُڪيندا آھن ،جيئن لومڙ سٽ سٽيندو آھي ائين ئي سٽون سٽي رھيا آھن ،جيئن نانگ پاڻ کان ھيڻي جانور مطلب ڏيڏر کي کائيندو آھي ائين ئي ھاڻوڪي زماني ۾ بشر بشر کي کائي رھيو آھي ،جيئن ٻلو ٻين جي شئين ۾ اکيون وجھي ويٺا ھوندا آھن ائين ئي ٻين جي مال و ملڪيت ۽ عزت و آبرو ۾ اکيون وجھي ويٺا آھن ، جيئن تانئڙو پنھنجي ڄار ۾ ٻين شئين کي ڦاسائيندو آھي ائين ئي ھڪ ٻئي کي ڦاسائي رھيا آھن ، اڄڪلھ ھڪ انسان ٻئي انسان جي زندگي ائين ڪري ڇڏي آھي جيئن ڪنڊن ۾ ڪپڙو ڦاسي پوندو آھي اھو سڀ حسنِ اخلاق تي نه ھلڻ جو نتيجو آھي .

ديس ۾ زوال تان آسمان تائين پھچائڻ ۾ سڀ کان افضل ھٿ استاد جو آھي ڇو جو استاد ھڪ اھڙو صوفي آھي جيڪو پنھنجي خواھشن کي ماري پنھنجي شاگردن کي علم ۽ تدريس جي جالار سان مالا مال ڪندو آھي ، زندگي جي ڪاميابي پيسي ۽ غرور ۾ نه بلڪه استاد جي خدمت آھي ۽ استاد جي خدمت اھو ئي ڪري سگھي ٿو جيڪو مڻيادار ۽ حسنِ اخلاق وارو ھجي پر حسنِ اخلاق جي ڪَمي جي ڪري اڄ استاد جو مان ۽ مرتبو سمجھڻ لاء ڪوئي تيار ئي ناھي ،استاد علم جو سمنڊ آھي پر حسنِ اخلاق نه ھجڻ جي ڪري ماڻھو ان سمنڊ مان ھيرا لال ڪڍڻ بجاءِ ان  ۾ گند ڪچرو اڇلي رھيا آھن ، استاد اھڙو وڻ آھي جيڪو جنھن شاگرد کي پنھنجي ڇانوَ ۾ رکي ان کي تاحيات سج جا گرم ڪرڻا ڇُھي نه سگھن پر حسنِ اخلاق نه ھئڻ ڪري اڄ جا شاگرد استاد کان ائين ونُٔ وڃي رھيا آھن جيئن باھ کان ونُٔ وڃبو آھي ، استاد ته ھڪ اھڙو عدن آھي جنھن مان صرف ۽ صرف خوشبؤ ايندي آھي پر حسنِ اخلاق نه ھئڻ ڪري اڄ ان استاد کي ٻٻر يعني ڪنڊن وارو وڻ سمجھيو وڃي ٿو ، استاد ۽ شاگرد جو پيچ پاڪ ھوندو آھي پر اڄ استاد جو احترام ئي ناھي  اھو سڀ بد اخلاقي جو ميوو آھي .

انسان حسنِ اخلاق نه ھئڻ ڪري نه صرف پنھنجو نقصانڪار آھي پر ٻين جي لاء به ڳڙھي وانگر ھاڃيڪار آھي ، بد اخلاق ماڻھو سماج لاء سگريٽ وانگر آھي ، ظاھري ائين محسوس ٿيندو آھي ته اسان جون پريشانيون ختم ڪري اسان کي سڪون ڏئي رھيو آھي پر ماھيت ۾ اھو اسان جي اندروني سرشتي کي خرام ڪري اسان جي جان جو نقصان ڪندو آھي ، بد اخلاق ماڻھو ۽ عام ماڻھو جو مثال ھنداڻي ۽ ڇُري وانگر آھي مطلب ھنداڻو ڇري تي ڪري يا ڇري ھنداڻي تي ڪٽجيندو ھنداڻو ئي آھي . بد اخلاق ماڻھو پنھنجي زندگي شھزادي وانگر سمجھندو آھي پر ماھيت ۾ ان جي زندگي بيوه عورت وانگر ھوندي آھي جيڪا ھر ساعت ھڪ نئين سور جو ساز وٺندي آھي ، بد اخلاق ماڻھو جا مثال ائين آھي جيئن سج جي مٿان گرھڻ چڙھي وڃي مطلب ان ماڻھو مٿان بد اخلاقي پنھنجو ايترو ته قبضو ڪري ڇڏيندي آھي جو نه ان جي روشني ظاھر ٿيندي آھي نه وري اھو ڪنھن جي لاء فائديمند ھوندو آھي بلڪه سڀ ان طرف ڏسڻ ۾ گناھ سمجھندا آھن ، بد اخلاق ماڻھو مٿان نه گھر جي ڇت ھوندي آھي ، نه استاد جو پيار ھوندو آھي ، نه والدين جو سھارو ھوندو آھي ، نه ڀائرن جي مذاڪ ھوندي آھي ۽ نه وري دوستن جي سھپ ھوندي آھي.

اسان کي حسنِ اخلاق واري رستي تي ھلي ڪري منزل ماڻڻ گھرجي ، بد اخلاقي سان حاصل ڪيل منزل تانيئڙي جي ڪمزور گھر وانگر ھوندي آھي ، منزل به ھڪ عمارت وانگر آھي جنھن جو بنياد حسنِ اخلاق ھوندو آھي ۽ ان جون ڀتيون استاد جو احترام آھي ، والدين جي محبت آھي ، وطن سان حب ۽ وطن دوستن سان پيار ڪرڻ آھي ، انھن کانسواء اسان جي منزل صرف سِرن جو ڀڙو آھي ، اسان کي پنھنجي زندگي حسنِ اخلاق سان گذارڻ گھرجي ، ھڪ ٻئي جو خيال رکڻ گھرجي ، ھڪ ٻئي جي عقيدن ۽ جذبن جو فڪر ڪرڻ گھرجي ، استاد ۽ والدين جو احترام ڪرڻ گھرجي ، پنھنجو فرض ، فرض شناسي سان نڀائڻ گھرجي ، اوکي ويل ھڪ ٻئي جي ماڙ ڪرڻ گھرجي ،ھيڻن جو ھمراھ ٿيڻ گھرجي ، ڪمزورن جو سھارو بڻجڻ گھرجي ، نه صرف پنھنجي لاء ڀلو سوچجي پر ٻين لاء به بهترين سوچجي ، جھڙو پاڻ کائجي ، کائجي ۽ جنھن ۾ پاڻ رھجي اھڙو ئي نوڪرين لاء بندوبست ڪجي ، جيترو ٿي سگھي حسنِ اخلاق کي ڦھلائڻ گھرجي ته جيئن اسان به سک سان رھي سگھون ۽ اسان جو مانڊاڻ به خوشگوار ھجي.

سنڌ ۽ پنجاب جي ٿر واري علائقي ۾ 1500 تلور آزاد ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ابو ظهبي جي شيخ حمدان بن زيد پاران سنڌ ۽ پنجاب ۾ 1500 تلور پکي ڇڏيا ويا جيئن هن ناياب پکي جو نسل وڌي. گڏيل عرب امارتن ۾ تلور جي بريڊنگ فارم مان آندل هنن پکين مان 700 سنڌ جي ٿر ۽ 800 پکي رحيم يار خان ۾ ڇڏيا ويا. سنڌ وائلڊ لائيف جي تعاون سان مبارڪ فائونڊيشن پاران هي پکي ٿر جي ريگستان م ڇڏيا ويا جتي مقامي ماڻه جي شڪار تي پابندي آهي. شيخ حمدان پاران پنهنجي انهن سڪار گاهن جي آس پاس جي ماڻهن جي طبي ۽ راشن جي سهولتن جو به بندوبست ڪيو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو