حساس معاملن ۾ هڪ طرفن فيصلن کي رد ڪريون ٿا، مري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه عطا مري چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته حساس سيڪيورٽي معاملن تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا هڪ طرفي فيصلن جي ڪا به اهميت نه هوندي، پيپلز پارٽي ان کي رد ڪندي. هن چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر خبرون تيل ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ جو اچن ٿيون. رليف صرف ڪوڙن اعلانن ۽ افواهن تائين محدود آهي، پيپلز پارٽي ان جي سخت مذمت ڪري ٿي، ٿي سگهي ٿو حڪومت ميڊيا تي مڪمل پابندي لڳائڻ چاهي ٿي پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ پيپلز پارٽي ميڊيا سان ٿيندڙ هر زيادتي ۾ ان سان گڏ بيٺي آهي. اهڙو اظهار هن پ پ اڳواڻ سليم مانڊي والا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.  شازيه مري چيو ته جڏهن کان حڪومت ۾ تبديلي آئي آهي، مهانگائي جو طوفان نه رڪيو آهي ۽ کنڊ خريد نه ڪري سگهي آهي ڪٿي کنڊ جو اگهه پهچي ويو آهي؟. عمران نيازي کي تقرير لکي ڏيڻ وارا سندس سڀ کان وڏا دشمن آهن، حڪومت جي نااهلي سبب ملڪ ۾ غريب جو زندهه رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ تازي واڌ کي رد ڪري ٿي ۽ حڪومت عوام کي رليف ڏئي جڏهن ته اڄ عمران نيازي مهانگائي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ بابت پنهنجو پراڻو بيان وساري ويٺو آهي پر پوري قوم ياد رکي ٿي. ان موقعي تي پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سليم مانڊوي والا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نيب چيئرمين کي حڪومت طرفان بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، حڪومت جيڪو چوي اهو ڪرڻ تي مجبور آهي، نيب جي وصول ڪيل رقم مان اڃا تائين ڪا به رقم نه ملي آهي، چيئرمين نيب. حڪومت کي پئسا ڏئي ڇڏيا آهن ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ڪميٽي جوڙي وڃي ته 8 سئو پندرهن ارب رپيا ڪٿي آهن. سليم مانڊي والا چيو ته چيئرمين فنانس ڪميٽي کي خط لکي ذيلي ڪميٽي ٺاهڻ جو چيو آهي، مون پنهنجي سياسي زندگي ۾ ان کان وڏو اسڪينڊل ڪڏهن به نهٻڌو آهي نه ڏٺو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو