حريم شاهه جي تڪراري شادي، ذوالفقار شاهه جي ترديد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه پيپلز پارٽي سنڌ جي هڪ ايم پي اي سان شادي ڪري ڇڏي آهي. مختلف تڪراري ويڊيو وائرل ٿيڻ سبب شهرت حاصل ڪندڙ ادا ڪارا ۽ شارٽ ويڊيو ايپ ٽڪ ٽاڪ تي ويڊيو ٺاهيندڙ حريم شاهه جيو نيوز سان ڳالهائيندي اها ته تصديق ڪئي آهي ته سندس شادي ٿي آهي پر هن مڙس جو نالو ٻڌائڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته باقي تفصيل بعد ۾ بڌايا ويندا. هن پنهجي شادي واري لباس جون تصويرون 23 جون تي انسٽا گرام تي شيئر ڪيون هيون. جنهن بعد حليم عادل شيخ جي سيڪريٽري صدام ڪنڀار شادي جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ فيس بڪ تي پوسٽ رکي ته سيد ذوالفقار علي شاهه ميرپور خاض وارو ملهه ماري ويو، ميرپور خاص وارن کي مبارڪ هجي. جنهن بعد ذوالفقار شاهه چيو ته مون حليم عادل وارن تي قنقيد ڪئي هئي ان ڪري هو افواهه ڦهلائي رهيا آهن. هن ڇيو ته حريم شاهه سان سندس شادي ناهي ٿي. ذوحريم شاهه جي اڳ ۾ شيخ رسيد سان شادي جون خبرون هليون جن جي هن بعد ۾ ترديد ڪئي هئي. شيخ رشيد چوندو آهي ته جڏهن کير بازار ما ملي ٿو ته مينهن پالڻ جو ڪهڙو تُڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو