حريت اڳواڻ علي گيلاني جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، ملڪ ۾ سوڳ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سينئر ڪشميري حريت پسند اڳواڻ سيد علي گيلاني 92 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وي ڀارتي فوج حيدرپوره جي قبرستان ۾ فجر مهل کيس دفنائي ڇڏيو. سندس وارث وصيت موجب سرينگرجي شهيدن جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ چاهين پيا پر ڀارتي فوج لاش وارثن حوالي نه ڪيو ۽ سندس گهر لڳ حيدرپوره ۾ دفن ڪيو. آخري رسمن ۾ سندس ويجها عزيز ۽ ڪجهه پاڙيسرين کي شرڪت جي اجازت ڏني وئي.

Photo Social Media

صدر عارف علوي،۽ وزيراعظم عمران خان پاران سيد علي گيلاني جَي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي اڄ ملڪ ۾ سرڪاري سطح تي سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان جو جهنڊو جُهڪيل رهندو. ميان شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، سراج الحق، مولانا فضل الرحمان سندس وفات تي ڏک جو اطهار ڪندي سنگينن جي سائي ۾ سندس تدفين جي مذمت ڪئي آهي. سيد علي گيلاني 29 سيپٽمبر1929ع تي پيدا ٿيو. ھو جماعت اسلامي والاريل ڪشمير جو اڳواڻ بھ رھيو، بعد ۾ سيد علي گيلاني تحريڪ حريت جي نالي سان پنھنجي پارٽي ٺاھي، ھو آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جو چيئرمين بھ رھيو. سيد علي گيلاني جي لاڏاڻي تي والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير محبوبھ مفتي تعزيت جو اظھار ڪيو ۽ چيو تھ سيد علي گيلاني ھميشھ اپنھنجي اصولن تي بيٺو رھيو، اختلافن جي باوجود سيد علي گيلاني جي ھميشھ عزت ڪئي.ياد رهي ته هو ڳچ عرصي کان نظربند هو.

پهنجو تبصرو موڪليو