حد دخلين خلاف آپريشن، متاثرن ۽ پوليس ۾ چڪريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)محمود آباد ۾ نالن تي حددخلين خلاف آپريشن دوران رهواسين ۽ پوليس ۾ چڪريون، هوائي فائرنگ ۽ پٿراءُ ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، مڇريل ۽ متاثر ماڻهن ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ڀڃي ڇڏيا. ڇڪتاڻ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل، محمود آباد روڊ ٽريفڪ لاءِ بند، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. محمود آباد واري علائقي ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو، پوليس طرفان لٺبازي ۽ فائرنگ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن سوڌو ڪيترائي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي. پوليس 20 کان مٿي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو