حبيب جان ۽ ساٿي اشتهاري قرار، گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت لياري گينگ جي سربراهه عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف پوليس مقابلي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پابندي مڙهيل پيپلز امن ڪميٽي جي اڳواڻ حبيب جان بلوچ ۽ ٻين ساٿي جوابدارن سميت اشتهاري قرار ڏنو آهي. عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته روپوش جوابدار حبيب جان، اقبال احمد ۽ جمشيد سنارا گرفتار ناهن ٿيا، جاچ آفيسر جي اهڙي آگاهي بعد عدالت ٽنهي جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي سندن دائمي وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو