ڄام نظام الدين جي ورسي، ميلي جي شروعات، ڀيٽا پيش

ٺٽو(رپورٽ: جاويد لطيف ميمڻ )سنڌ جي سخي حاڪم ڄام نظام الدين سمون عرف ڄام ندو جي ورسي جي تقريب منعقد ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ميلو متل آهي. اڄ پھرين نومبر آچر جي ڏينھن سندس آخري آرام گاھ لڳ مائي مڪلي شاھمراد شاھ شيرازي روڊ تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي، جنھن جو افتتاح درگاھ جو گادي نشين ڄام امير احمد سمون ۽ جاويد حسين سمون ڄام آف سنڌ سڄي سنڌ کان آيل سمان برادري سان گڏ بعد نماز ظھر چادر چاڙھي ميلي جو افتتاح ڪندا. جنھن کي خصوصي خطاب حافظ غلام محمد سوھو قادري محمودي المعروف بابا سائين، مولانا غلام نبي سمون ڇڇ جھان خان، مولوي محمد ايوب جن ڪرڻ فرمائيندا، جڏھن ته نعت خوان نعت پڙھڻ جي سعادت ماڻيندا. جنھن ۾ شام جو ملهه ملاکڙو ملھ پھلوان محمد عيسى صابرو، غلام شبير سمون جي نگراني ۾ لڳايو ويندو، جنھن ۾ اتر ۽ لاڙ جا ڀلوڙ ملهه پھلوان زور آزمائي ڪندا.

Photo Sindhyar, Grave Of Jam Nizamuddin Samo

جڏھن ته رات جو واعظ بعد مقررين سخي حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي زندگي تي روشني وجھندا، جڏھن ته ننگر نياز جو پڻ بندوبست ٿيل آھي، ميلي جي پڄاڻي دعا خير سان ڪئي ويندي، اھڙي پڌرائي درگاھ جي گادي نشين ڄام امير احمد سمون، طفيل احمد سمون، ڏاڏا يار محمد سمون ۽ غلام شبير سمون پاران ڪئي وئي آھي. جن ڄاڻايو آھي ته ميلي ۾ پوري سنڌ مان سمان برادري جا ماڻھون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. ھنن چيو ته اسان  ھر سال سخي حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سمون جو ساليانو ڏيھاڙو وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايون ٿا، جنھن سنڌ تي حڪمراني ڪري پنھنجي رعيت کي ڪڏھن به نه رنجايو ۽ نه ئي سندس دور حڪومت ۾ ڪڏھن ڪي ڏڪاري حالتون ٿيون. سندس دور حڪومت ۾ سندس رعيت ھميشه خوشحال زندگي گذاري، اسانکي به اھڙن سخي حاڪمن جي ڏسيل واٽ تي ھلڻ گھرجي. جن جي مزارن تي وڃڻ تي سڪون ملي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو