حاضري بعد ڳوٺ ويندي زميندار قتل

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) پراڻي دشمني تان 2 موٽرسائيڪل سوار هٿياربند محمد حسن بروهي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. شهدادڪوٽ رتوديرو روڊ تي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ فضل محمد بروهي ويجهو عدالت ۾ شنوائي بعد واپس ڳوٺ ويندڙ 48 ورهين جي زميندار محمد حسن بروهي کي پسٽل سان فائر ڪري سخت زخمي ڪري وڌو. ڳوٺاڻن زخمي کي اسپتال پهچايو ته رستي ۾  زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اسپتال ۾ موجود ماڻهن  ٻڌايو ته فوتي جو پنهنجي ڀائيٽين سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي واقعو ان اڻبڻٽ  جي ڪڙي ٿي سگهي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو