حارث رئوف گپٽل کي آئوٽ ڪرڻ جو گُر ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) حارث رئوف پنهنجي بيان ۾ مارٽن گپٽل جي اهم وڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ خاص ٽِرڪ ٻڌائي ڇڏي. هن چيو ته مارٽن گپٽل ميچ جي آخري اوور ۾ وڌيڪ رنسن لاءِ ماحول پيدا ڪري رهيو هو ۽ بائونڊريز لڳائي رهيو هو ۽ ان دوران مون کي اوور ڏنو ويو ان ڪري مون گپٽل جي جسم کي استعمال ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي ته گپٽل شاٽ ضرورکيڏندو. منهنجي ڪوشش هئي ته گپٽل کي اهو ماحول پيدا ڪرڻ نه ڏيان، مون ڪوشش ڪئي ته هن جي جسم تي وڌيڪ بال ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي جسم ۾ ئي اٽڪيل رهي. حارث رئوف جو چوڻ هو ته هي منهنجي لاءِ ملڪ جو پهريون مين آف دي ميچ هو، مان ان ڳالهه سان متفق آهيان ته بالنگ پارٽنرشپ ڪنهن به ميچ لاءِ تمام ضروري آهي ڇو ته پهرين ميچ ۾ شاهين سخت محنت ڪئي ۽ ٻئي ميچ ۾ منهنجي محنت رنگ لاتو. اهو ڪلچر بڻجي ويو آهي ته ٽيم جو هر بالر هر ميچ ۾ محنت ڪري، اميد آهي ته ايندڙ ميچ ۾ اسان جو ڪو هڪ بالر ڪجهه سٺو ڪندو. شعيب ملڪ، بالر حارث رئوف ۽ آصف علي سان گڏ نيوزيلينڊ جي شاندار فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. حارث رئوف چئن بهترين ڪيويز کي پويلين واپس موڪليو، جڏهن ته آخري اوور ۾ آصف علي جي ٽن ڇڪن ۽ شعيب ملڪ جي ذميواراڻي بيٽنگ سبب 135 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو