حاجي خان ڀٽي آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي، تعزيت جاري

مورو)مورائي اياز سولنگي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن لائين اسٽاف يونين جو اڳوڻو مرڪزي چيئرمين، پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه مورو جو اڳوڻو صدر، عشر زڪوات ڪاميٽي ضلع نوشھروفيروز جو اڳوڻو چيئرمين ۽ ٽيليفون کاتي جو اڳوڻو ايس ڊي او حاجي خان ڀٽي جي جنازي جي نماز سندس ڳوٺ ڏتل خان ڀٽي ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن استادن، وڪيل برادري، ڀٽي برادري سميت مختلف برادرين جي ماڻھن صحافين ۽ ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن ھر ھڪ سابق جج علي گل خاصخيلي، خان ڏاھري، علي اڪبر سمون، اديب علي خادم بالادي، ايڊوڪيٽ امين الدين خاصخيلي، غلام مجتبيٰ ميمڻ، ايڊووڪيٽ امجد امين آرائين، پرويز سرھيو، مراد علي سرھيو، حاجي الطاف سيھڙ، پ ٽ الف ضلعي اڳواڻ پير مظفر حسين، شفيع محمد ڀٽي، بشير احمد ڀٽي، غلام مصطفيٰ ڀٽي، محمد عظيم ڀٽي، ايڊووڪيٽ سليم رضا ڀنگر، صحافين ۾ محمد بخش عالماڻي، غلام اصغر چانڊيو, وحيد رزاق مستوئي، سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي جي نماز بعد مرحوم کي اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏھن تہ پوئنرن ۾ سندس پٽن ببلو ڀٽي، ھمير ڀٽي ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو