باري پتافي جو فارم بحال، حاجي ۽ محمد بخش خان خلاف سماعت ملتوي

سکر (امداد علی ڪلوڙ) سنڌ ھاء ڪورٽ سکر  بئينچ ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل ۾ اين اي 205 گھوٽڪي جي تڪ تي آزاد اميدوار حاجي خان مھر  پاران نامزدگي فارم جي بحالي  لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس محمد جنيد غفار جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران  حاجي خان مھر پنھنجي وڪيل سميت پيش ٿيو، عدالت  وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد سڀاڻي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. جڏھن ته درخواست گذار حاجي خان مھر موقف ظاھر ڪيو ته قومي اسمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيڻ بعد ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين جي عھدي تان اسٽيفا ڏئي ڇڏيندو. ٽريبونل باري پتافي جا نامزدگي فارم منظور ڪرڻ خلاف درخواست اهو چئي خارج ڪئي ته اعتراض واريندڙ رٽرننگ آفيسر وٽ اعتراض نه واريو هو. سردار محمد بخش خان مهر جا فارم رد ڪرڻ بابت درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو