جکراڻي خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ جي جيل واري کاتي جي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ٻن ريفرنس وارو معاملو، احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي جي عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران اعجاز جکراڻي پيش نه ٿي سگهيو. ريفرنس ۾ ٻيا شامل جوابدار ۽ وڪيل پيش ٿيا عدالت ٻڌڻي 6 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. نيب اعجاز جکراڻي سوڌو 5 ڄڻن مٿان 74 ڪروڙ رويپن جو ريفرنس داخل ڪرايو هو. ٻئي ريفرنس ۾ اعجاز جکراڻي سميت 12 ڄڻن مٿان 36 ڪروڙ جو ريفرنس داخل ڪرايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو