جکراڻي خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي 23 آگسٽ تائين ملتوي

سکر (بيورو رپورٽ)جيل واري صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس جي احتساب عدالت سکر جي جج فريد انور قاضي جي عدالت ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اعجاز جکراڻي ۽ ريفرنس ۾ شامل ٻيا جوابدار پيش ٿيا. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ريفرنس جي ٻڌڻي 23 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته نيب پاران اعجاز جکراڻي سوڌو 5 ڄڻن مٿان 74 ڪروڙ روپين جو ريفرنس داخل ڪرايل آهي. نيب پاران اعجاز جکراڻي سميت 13ڄڻن خلاف 34 ڪروڙ روپين جو هڪ ٻيو به ريفرنس داخل ڪرايل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو