جي يو آء جي سڏ تي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ ( ڊ    ر ) شهدادڪوٽ ۾ جي يو آء جي سڏ تي زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ، بحريه ٽائون واقعي، ڪرپشن ۽ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جعميت علماء اسلام پاران سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ، بحريه ٽائون واقعي، ڪرپشن ۽ بدامني خلاف مولانا محمد جان عابد، مولانا مبين احمد مستوئي، حافظ ثناء الله ٿهيم، قاري قمرالدين بلوچ، حاڪم بروهي، حافظ ولي الله ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جعميت جا جهنڊا کڻي تحصيل مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري غريب هارين ۽ آبادگارن کي پاڻي جي ڦڙي لاء تڙپايو پيو وڃي هنن چيو ته سارين جي فصل جي مند ختم ٿيڻ تي آهي  ته ٻئي پاسي پاڻي جي کوٽ هجڻ سبب هن وقت تائين ساريالي فصل جو ٻيجارو به نه پوکجي سگهيو آهي. هنن چيو ته پ پ حڪومت ملڪ رياض جي ونگار وهي قومپرستن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ۽ ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪن کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته حڪمرانن پنهنجي ڪيل ڪرپشن کي لڪائڻ لاء ادارا ڄاڻي واڻي تباه ڪري پاڻي جي کوٽ، ۽ بدامني  سميت ٻيا مسئلا پيدا ڪرائي عوام کي گم راه رکڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو