جي يو آءِ 9 جولاءِ تي ڪراچي ۾ اي پي سي سڏائي ورتي

مٽياري (رياض چانڊيو )وفاقي حڪومت جا ٻه سال پاڪستان جي تاريخ جا بدترين سال گذريا آهن, ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن ۽ حڪومتي ناڪامي کي پيش نظر رکندي 9 جولاء تي ڪراچي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس مولانا فضل رحمان جي صدارت ۾ ٿيندي, اي پي سي ۾ شرڪت لاء پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سميت ٻين پارٽين جي سربراهن کي دعوت نامه پهچايا ويا آهن. اهڙو اظهار جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو مٽياري لڳ ڳوٺ صاحب سمان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ارڙهين ترميم, اين ايف سي ايوارڊ جي اعلان ۾ دير ۽ ملڪ جي ابتڙ معاشي صورتحال تي جمعيت علماء اسلام صوبي سنڌ جي دعوت تي 9 جولاء خميس ڏينهن ڪراچيء جي مقامي هوٽل ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي. اي پي سي ۾ تمام احتياطي تدابيرن تي عمل ڪيو ويندو, هن چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس جي اختتام بعد 9 جولاء شام 4 وڳي جي يو آءِ جو مرڪزي امير مولانا فضل الرحمن ٻين سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان گڏ  APC جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪندو. ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ ياسين سمون, جمن سمون, مدثر, عبدالرحيم ۽ ٻيا موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو