جي يو آءِ پاران عورت آزادي مارچ کي روڪڻ جو اعلان

سکر(بيورورپورٽ)جمعيت علماءَ اسلام سکر پاران عورت آزادي مارچ کي اسلام مخالف قرار ڏيندي مارچ کي هر صورت ۾ روڪڻ جو اعلان ڪري چڏيو . جاري ڪيل پڌرائي موجب جي يو آئي ضلعي سکر جي سيڪريٽري جنرل مولانامحمدصالح انڍھڙ مفتي سعود افضل ھاليجوي قاري جميل احمدبنڌاڻي مفتي قمرالدين ملاڻوسميت ٻين  سول اسپتال سکر۾ ترجمان مفتي اعظم مھرجي پٽ حسنين مھرجي عيادت ڪندي صحافين سان ڳالھائيندئي چيوته چيو ته اسلام ۽  آئين توڙي قانون عورتن کي سمورا حق ڏنا آهن، پر افسوس جو ملڪ ۾ قانون تي عمل درآمد نه هجڻ سبب عورتن جا بنيادي حق متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته اولهه جي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ نام نهاد اين جي اوز پاران 8 مارچ تي سکر ۾ “عورت آزادي مارچ” ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن کي اسان قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي سمجھندي ان کي ڀرپور نموني روڪڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، جيڪڏهن سرڪار ۽ انتظاميا عورتن جي مارچ کي نه روڪيو ته جي يو آئي قانون جي حدن ۾ رهي مارچ کي هر صورت ۾ روڪيندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عورتن کي آڇ ڪئي ته اهي عورت جي ملڪيت ۾ حصي، جبري نڪاح، فحاشي جي مرڪزن ۽ ڪارو ڪاري جي ڪوڙن الزامن هيٺ عورتن جي قتل عام سميت ٻين مسئلن تي شريعت ۽ قانون  جي روشني ۾ جدوجهد ڪن ته جي يو آئي سندن وِک وِک تي ساٿ ڏيندي. 

پهنجو تبصرو موڪليو