جيڪا جنگ افغان فوج نٿي وڙهي، آمريڪا ڇو وڙهي؟ بائيڊن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته افغانستان مان فوج واپس ڪرڻ جو فيصلو درست هو، ان تي ڪا به شرمندگي نه آهي، اسان پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون، هن فيصلي سبب مون تي تنقيد ٿيندي پر هي درست فيصلو آهي، هي آمريڪي عوام، امريڪي فوج ۽ امريڪا جي لاءِ درست فيصلو آهي. افغانستان جي صورتحال بابت پنهنجي قوم کي خطاب ڪندي هن چيو ته اشرف غني کي طالبان سان ڳالهين جو مشورو ڏنو هو، پر هن ڳالهيون ڪرڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو ته افغان فوج طالبان سان وڙهندي پر ظاهر آهي ته هو غلط نڪتو، صدر جو بائيڊن چيو ته افغان اڳواڻ حوصلا هاري ڇڏيا ۽ ملڪ مان فرار ٿي ويا، اسان افغان فوج کي سڀ ڪجهه ڏنو پر هنن کي وڙهڻ جو عزم ۽ حوصلو نه ڏئي سگهياسين، افغانستان تي جيتري تيزي سان قبضو ٿيو ايتري اميد نه هئي، چين ۽ روس جي خواهش آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ ڊالر خرچ ڪندو رهي، آمريڪي صدر طالبان کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن هنن آمريڪا جي نڪرڻ واري منصوبي ۾ رڪاوٽون وڌيون ته آمريڪا جو رد عمل فوري ۽ تمام سخت هوندو. اسان پنهنجي ماڻهن جو دفاع تباهه ڪن قوت سان ڪنداسين، افغانستان کي تبديل ڪرڻ اسان جو مشن نه هو، اسان جو مقصد القاعده جو خاتمو ۽ اسامه کي پڪڙڻ هو، اسان ان مشن ۾ ڪاميا رهياسين. جيڪا لڙائي افغان فوج نٿي وڙهڻ چاهي ته پوءِ آمريڪي فوج ڇو وڙهي،؟ افغان فوج وکري وئي، هن سان هر قسم جو سهڪار ڪيو، افغان فورسز تي اربين ڊالر لڳايا ۽ بهترين سامان مهيا ڪيو، هن چيو ته هي آمريڪا جي ڊگهي جنگ رهي، 4 صدر هن مان گذريا ۽ ڪيتريون ئي آمريڪي جانيون هن جنگ ۾ ويون، جيڪو ٿيو اهو 4 سال اڳ يا 15 سال پوءِ به ٿي سگهي پيو، هن وقت اسان افغانستان مان پنهنجي ۽ اتحادي فوجن کي بحفاظت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو