جيو جو 22 ڪلاڪن کان غائب رپورٽر گهر پهچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جيو ٽي وي جو سينئر رپورٽر علي عمران سيد 22 ڪلاڪ لاپته رهڻ بعد گهر پهچي ويو آهي، هن پنهنجي گهرواري کي فون ڪري ٻڌايو ته هو والدهه جي گهر پهچي ويو آهي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي نمائندن جي ميٽنگ ۾ هر حال ۾ صحافي کي فور آزاد ڪرائڻ جو اجلس گهرايو ۽ حڪم ڏنو هو. سندس گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته هو گذريل ڏينهن موبائيل فون گهر ڇڏي بيڪري تي ويو هو جنهن بعد 15 ڪلاڪ گذرڻ بعد به واپس ناهي آيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ سندس محفوظ واپسي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي. علي عمران جي ڀاءُ طالب رضوي جو چوڻ آهي ته پوليس کي ٻڌايو آهي سچل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي. سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او هارون ڪورائي جو چوڻ آهي ته اطلاع ملڻ بعد جاءِ واردات جو معائنو ڪيو آهي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا پيا وڃن. هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته علي عمران کي ڪراچي واقعي جي ويڊيو وائرل ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سڀني کي خبر آهي ته هن کي ڪير کنڀي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو