جيل ۾ مبينه تشدد سبب قيدي فوت، انصاف ڪريو

نوشھرو فيروز (منظور ملڪ)ڳوٺ قادر داد مشوري جو رهواسي نادر علي مشوري سينٽرل جيل نوشهروفيروز ۾ اوچتو فوت ٿي ويو.وارثن موجب فوتي 6 مهينن کان چوري ۽ ڦر جي الزام ۾ قيد هيو ۽ جيل انتظاميا فوتي کان جبري پورهيو ڪرائيندي رهي ۽ جبري پورهيو نه ڪرائڻ عيوض پئسه گهرندي هئي، فوتي غربت جي ڪري پئسه ڪون ڏنا جو جيل انتظاميه فوتي کان هن ايڏي گرمي ۾ جبري پورهيو ڪرايو جو فوتي جبر ڏاڍ مار ڪٽ جي سختي برداشت نه ڪري سگهيو آخر فوت ٿي ويو اسانجو ماڻهون جيل انتظاميه جي سختين سبب فوت ٿي ويو آهي. وارثن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ کان پرزور مطالبو ڪيو ته ان قتل جي عدالتي جاچ ڪرايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو