جيالا تالا ڀڃي اسٽيڊيم ۾ داخل، ڪيمپ قائم، تياريون جاري

ملتان (خصوصي رپورٽ) پيپلز پارٽي جا جيالا پوليس سان چڪرين بعد سڀ رڪاوٽون ٽوڙي، ڪنٽينر هٽائي، تالا ڀڃي  قلعه ڪهنا اسٽيڊيم ۾ داخل ٿي ويا. استقبالي ڪيمپ قائم، بجا تير بجا تي ڀنگڙا شروع ڪري ڇڏيا. پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي. عبدالقادر گيلاني ۽ موسيٰ گيلاني جي قيادت ۾ سوين جيالا گهنٽا گهر چوڪ تي پهتا جتان وڏيو جلوس جي شڪل ۾ اسٽيڊيم داخل ٿيا. جلوس ۾ پ پ، نواز ليگ ۽ جي يو آءِ ڪارڪن به شامل هئا. جيڪي سڀ رڪاوٽون ۽ تالا ٽوڙي اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيا. اسٽيڊيم ٻاهران مقرر پوليس طرفان ڪارڪنن کي روڪڻ جي ڪوشش، اهلڪارن ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون، پي ڊي ايم ڪارڪن ڪرين، سروٽا ۽ ڏنڊا کڻي اسٽيڊيم پهتا، پوليس اسٽيڊيم ڏانهن ويندڙ سمورا رستا ڪنٽينرز رکي بند ڪري ڇڏيا هئا جيڪي ڪارڪنن هٽائي ڇڏيا. پ پ اڳواڻ موسيٰ گيلاني چيو آهي ته رڪاٽون ٽوڙي اسٽيڊيم جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، سومر تي هر صورت ۾ جلسو ڪيو ويندو. انتظاميا پي ڊي ايم کي جلسي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار بعد قلعه ڪهنا اسٽيڊيم سيل ڪري ڇڏيوهو. نواز ليگ ۽ پ پ پ اڳواڻن جي ملتان آمد جاري، گيلاني هائوس ۾ جلسي جي حوالي سان اڄ صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. جلسي ۾ آصفه ڀٽو، مريم نواز، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اپوزيشن اڳواڻ شرڪت ڪندا، بلاول ڀٽو طرفان ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ بعد وڊيو لنڪ ذريعي جلسي کي خطاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آصف علي زرداري به ويڊيو لنڪ تي خطاب ڪندو. اڃا اهو واضح ناهي ته ميان نواز شريف خطاب ڪندو يا نه.

پهنجو تبصرو موڪليو