جو کيڙي سو کائي“ کان ”جو ميڙي سو کائي“تائين جو سفر

ليکڪ  محمد خالد ميمڻ
26 سيپٽمبر آچر جي ڏهاڙي منهنجي ڀاڻيجي ماجد علي ميمڻ فون ڪيو ته ماما جهوڪ شريف ۾ صوفين جي سرتاج صوفي شاه عنايت شهيد جو عرس مبارڪ آھي سو هلو ته هلي ڏسي اچون مان به اوڏانهن ڪڏهن نه ويو هيس سو پنهنجي پياري دوست استاد غلام مرتضي’ڦل ۽ صحافي مجيب الرحمان وڳڻ کي به تيار ڪري منجهند جو 3 وڳي ڦل شھر مان نواب شاه شھر واري رستي ڏانهن نڪري پياسين نواب شاه کان بکر جمالي وارو روڊ وٺي نيوسعيد آباد شھر ۾ اچي چانھ جو چسڪو ورتوسين ۽ وري نڪري پياسين حيدرآباد پهچي چينل موري وارو رستو وٺي فتح چوڪ کان ٽنڊومحمد شھر ڏانهن رخ ڪيوسين رستي تي ماڻھن کن جهوڪ شريف  شھر جو رستو پڇيوسين ته انهن ٻڌايو ته هڪ رستو سڌو ٽنڊو محمد خان شھر کان وڃي ٿو ٻيو وري رستي تي هڪ واه آھي اتان به نڪري ٿو جيڪو هن رستي کان 20 کن ڪلوميٽر شارٽ آھي سو اسان به اهو رستو وٺي مختلف ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن کان ٿيندا شاه عبداللطيف ڀٽائي جي تڙ ڏاڏي بلڙي شاه ڪريم شهر جيڪو تعلقو آھي کي ڪراس ڪري اچي تقريبن رات جي 8 وڳي جهوڪ شريف پهتاسين مطلب ته اسان کي ڦل شھر کان جهوڪ شريف تائين سفر ۾ پنج ڪلاڪ  ٽائيم لڳو جهوڪ شريف پهچي صوفي شاه عنايت شھيد جي مزار جي ٻاهران گاڏي بيهاري مزار جي اندر داخل ٿياسين ته اتي ڪجھ نوجوان بيٺا هيا جن پهريان ئي اسان کي چيو ته سڀ پنهنجو مٿو ڍڪيو رومال يان ٽوپي پايو ۽ بوٽ لاهيو هٿ ۾ کڻو ۽ پير اگهاڙا ڪري اندر وڃو اسان انهن سان گهڻو بحث ڪيو ته اسان وٽ ٽوپي يان رومال ڪونه آھي پر هنن چيو مٿي ڍڪڻ کانسواء اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏينداسين سو مجبورن اسان به ٽوپيون ۽ رومال جيڪي اتي ئي ملن پيون اهي ورتيوسين ۽ بوٽ هٿن ۾ کڻي مزار طرف وياسين ته رستي ۾ مون بوٽ پائي ڇڏيا پر جيڪو به ملي پيو اهو چئي پيو ته بوٽ لاهي وڃو ڪن ته ٻانهون به ٻڌيون سو مون به بوٽ هٿن ۾ کنيا ۽ مزار شريف جي ٻاهران بوٽ رکي اندر وياسين ته ان ئي وقت مزار جو گادي نشين صوفي عطاء الله ستاري صوفي راڳيندڙ سان گڏ سنگ سميت اچي پهتو ۽ بيٺي بيٺي صوفي راڳ شروع ٿي ويو ته اتي موجود مريد به راڳ تي مست ٿي ڪري نچڻ لڳا ۽ سڀني تي وجد طاري ٿي ويو مزار جي اندر ڪنهن کي به موبائيل استعمال ڪرڻ جي اجازت بلڪل به نه هئي ائين اسان دعائون گهري پيري اگهاڙي ٻاهر نڪتاسين ته مزار جي سامهون ۽ چوڌاري پارڪ ٺهيل ڏٺاسين ۽ گڏوگڏ جهوپڙيون به هيون پارڪن ۾ وڏي تعدادا ۾ مرد ۽ عورتون نظر آيون ۽ گڏوگڏ لنگر پڻ عام جام هلي رهيو هيو هيو ۽ اسان ائين گهمندي مزار ڀرسان گڏوگڏ هڪ ٻئي مزار اندر هليا وياسين جتي 17 قڀرون هيون جن جي باري ۾ چيو پئي ويو ته گادي نشينن ۽ سندن مٽن مائٽن جون قبرون آهن ۽ ٻاهر آڳند ۾ به ننڍيون به ننڍيون قبرون هيون جيڪي شايد ننڍن ٻارڙن جون پئي لڳيون ۽ ائين اسان اچي هڪ پارڪ ۾ ٿڪ ڀڃڻ لاء ڪجھ ٽائيم ويٺاسين ۽ وري گهمڻ لاء نڪتاسين ته ٻئي پارڪ ۾ هڪ همراه باجي تي صوفي راڳ ڳائي رهيو هيو ته اسان به اچي ان جي پاسي ويهي رهياسين ۽ راڳ ٻڌوسين اهو پارڪ مزار جي بلڪل سامهون هيو اسان راڳ ٻڌي رهيا هياسين ته اسان جا دوست صحافي سنڌ صحافي سنگت جو وائيس چيئرمين هالاڻي جو محمد بچل هنڱورو,هنڱورجا جو صحافي غلام حسين چانڱ,فرمان علي سهتو,نعمان علي ميمڻ,۽ محرابپور جو قاسم شيخ به اچي مليا اسان پاڻ ۾ ملي رهيا هياسين ته ان ئي پارڪ ۾ هڪ مخصوط جڳھ جنهن کي ڪاٺ جي پٽين سان چوڌاري بند ڪيو ويو هيو اتي گادي نشين صوفي عطاء الله ستاري جن اچي هڪ صوفي جنهن جي مٿان پلال پيل هيو اچي ويٺا ۽ سندس اڳيان ڪجھ ماڻھن اتي لڳل مائيڪن تي ڀٽائي صاحب جون وايون ڳائڻ شروع ڪيون ته عوام به چوڌاري ويهي رهيو اسان به ويهي اهو منظر موبائيل ۾ رڪارڊ ڪرڻ لاء موبائيلون ڪڍيوسين ته اتي موجود سيڪيورٽي جي پرائيويٽ جوانن اسان کي موبائيل استعمال ڪرڻ کان منع ڪئي ته مون کين چيو ته سائين جي اڳيان مووي وارو جو رڪارڊنگ ڪري پيو باقي اسان کي ڇو پيو منع ڪيو وڃي ته ان چيو ته اسان کي جيڪو حڪم مليو آھي اهو ته موبائيل استعمال ناهي ڪرڻي سو اسان مجبورن موبائيلون رکي ڇڏيون سين ڪاوڙ به آئي پر هنن جي ڳالھ هنن جي پنهنجي قانون تي عمل ڪرڻو پيو ان وچ ۾ سائين دعا به گهري ۽ وري وائيون شروع ٿي ويون ته اسان وچ مان ئي اٿي وري گهمڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي پارڪ ۾ وڃي اتي سڀني دوستن گڏجي تصويرون ۽ سيلفيون ڪڍيوسين جيئن ته اسان آخري رات آيا هياسين انڪري هن رات باقائدي جيڪو صوفي راڳ ٿيندو آھي اهو ڪونه هيو باقي گذريل ٻه راتيون اتي ڀرپور راڳ ٿيو هيو جنهن ۾ سنڌ جي مشھور صوفي راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هيو اها ڳالھ اسان کي سنڌ جي صوفي راڳي قاضي احمد جي دادن فقير ٻڌائي جيڪو سائين محمد بچل هنڱورو سان ملڻ آيو هيو ان وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ رات راڳ نه ٿيندو سڀاڻي صبح جو آخري دعا ٿيندي ۽ پوء هي عرس مبارڪ جيڪو 313 هون عرس مبارڪ هيو اهو پڄاڻي تي پهچندو انڪري اسان به واپسي لاء نڪتاسين پئي ته سيڪيورٽي وارا اچي اسان کي سائيڊ تي بيهڻ جو چيو اسان کين چيو ته ڇو اسان سائيڊ تي وڃي بيهون ته ان چيو ته گادي نشين صوفي عطاء الله ستاري صاحب اچي پيو انڪري اهو لنگهي وڃي پوء ڀلي رستو وٺي هليا وڃجو اسان کي سندن اهو عمل صديون پراڻن بادشاهن وارو لڳو ته بادشاه سلامت جو جتان به گذر ٿيندو هيو اتان عوام کي هٽايو يان کين اکيون ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري بيهڻ جو حڪم ڪيو ويندو هيو ۽ اسان به عام رعايا وانگر سائيڊ ڪري ايندڙ گادي نشين جي گذرڻ جو انتظار ڪيوسين ۽ جڏهن اهو گذري ويو ته مزار واري احاطي مان نڪري اچي گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ واپسي ۾ رستي تي هوٽل تي ماني کائي ٽنڊومحمد خان شھر ۾ اچي هڪ هوٽل تي ڳالھ پيتيسين ۽ صبح جو پنجين وڳي اچي گهر پهتاسين هاڻي اچو ته ٿورو صوفي شاه عنايت شھيد جي باري ۾ مختصر ذڪر ڪيون ته اهو ڪير هيو ۽ هن جو نظريو ڇا هيو
تيرنهن سئو سال اڳ ”جو کيڙي سو کائي“جو نظريو ۽ نعرو ڏيندڙ صوفي شاه عنايت جنهن کي دنيا جو پهريو سوشلسٽ چيو ويندو آھي ۽ اهو دور سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت وارو دؤر هيو صوفي شاه عنايت جهوڪ شريف ۽ آسپاس سڀني هارين مزدورن کي گڏ ڪري اهو درس ڏنو ته هن ڌرتي هن زمينن جا اصل مالڪ اوهان آھيو هن زمين کي جيڪو کيڙي سو کائي باقي اوهان مٿان جيڪي زميندار وڏيرا مالڪ بڻيا ويٺا آھن اهي ظالم جابر حڪمران پرڏيهي دلال آھن ۽ پوء پاڻ انهن حڪمرانن سامهون حق جو علم بلند ڪيو سندس ان نعري ته ”جو کيڙي سو کائي“ جي نعري هيٺ سنڌ جي هارين حڪومت وقت کي ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ شاه عنايت جي جيڪو حقيقي انقلابي رهنما هيو ان جي اڳواڻي ۾ هزارين هاري منظم ٿي ويا جيڪا ان وقت جي بادشاد کي نه وڻي ۽ کين پنهنجو تخت خطري ۾ محسوس ٿيو ۽ ان وقت ٺٽي جي حڪمران پنهبجيون فوجون موڪلي هنن تي حملو ڪيو پر اهي ناڪام ويا ۽ مسلسل ٽي مهينا جنگ هلي پر کين ڪابه ڪاميابي نه ملي ڇاڪاڻ ته شاه عنايت هڪ بهادر جنگجو قسم جو اڳواڻ هيو ۽ سندس جي فوج جيڪا هارين ۽ مزدورن تي مشتمل هئي اها به ويڙھ جي ماهر هئي آخرڪار ان وقت جي حڪمران هنن سان صلح ڪئي ۽ صلح ڪري چالاڪي سان شاه عنايت جي هارين کي بيدردي مارائي آخر ۾ شاه عنايت کي به شهيد ڪيو ويو صوفي شاه عنايت شهيد جي باري ۾ مختصر ڳالهين مان اهو لڳو ته هو عام ماڻھن هارين مزدورن سان گڏ انهن جي حقن لاء وڙهندڙ جوڌو جوان هيو ۽ انهن جي حقن لاء انهن سان گڏ وڙهندي شهيد ٿي ويو شاه عنايت شھيد کي ماري حڪمرانن جيڪا هر حڪمران جي سوچ هوندي آھي اهو سوچيو ته هاڻي هي قصو ختم ٿي ويو پر انهن جي سوچ غلط هئي اهي حڪمران خود ختم ٿي ويا تاريخ ۾ کين کي ڪو ياد به نه ٿو ڪري ۽ اگر ياد ڪري به ٿو ته عزت احترام سان نه ٿو ڪري پر شاه عنايت شھيد کي تاريخ ۾ هڪ جوڌي هڪ انقلابي رهنما طور ياد ڪيو پيو وڃي ۽ هر سال سندس عقيدمند جهوڪ شريف ۾ سندس عرس مبارڪ ملهائي کيس ڀيٽا پيش ڪندا آھن ۽ اهوئي تاريخ جو ظالم جابر حڪمرانن کان انتقام جو بهترين طريقو آھي ۽ تاريخ هميشھ شهيدن کي ڀلن لفظن سان ياد ڪندي آھي پر هاڻي هڪ سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته شاه عنايت شھيد جي ڏنل واٽ سندس ڏنل نظريي ”جو کيڙي سو کائي“وارو فلسفو ڪٿي آھي سندس گادي نشين مريد پوئلڳ ان نظريي سان گڏ بيٺل آھن يان نه منهنجي خيال مطابق جيڪو منهنجو ذاتي خيال ۽ مشاهدي مطابق اهو آھي ته شاه عنايت شھيد جو ڏنل نظريو ”جو کيڙي سو کائي“بلڪل دفن ڪيو ويو آھي ۽ هاڻي کيس صوفي شاه عنايت پيش ڪري بس راڳ رنگ جون محفلون مچائي سندس ڏنل نعري کي”جو ميڙي سو کائي”۾ تبديل ڪيو ويو آھي جيڪو انتهائي تڪليف ده عمل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو